Friday , April 19 2024

بلاول ڀٽو زرداري کي ڪارڪنن پاران ڏنل درخواستون رستي ٿان هٿ

لاڙڪاڻو( رپورٽر   سنڌسماءَچار) پاڪستان پيلپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي اين اي 200، پي ايس 10 ۽ 11 جي پولنگ ايجنٽن ۽ ٻين پارٽي ڪارڪنن پاران ڏنل درخواستون رستي جي ڪناري تان گند جي ڍير تان ساڳين ڪارڪنن کي لڀي ويون آهن. سنڌ سماءَچار جي لاڙڪاڻي واري خاص نمائندي پاران پاران اماڻيل رپورٽ مطابق، بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي تڪ اين اي 200 سميت پي ايس 10 ۽ 11 تي اليڪشن دوران پولنگ ايجنٽ طور فرض ادا ڪندڙ ڪارڪنن ۽ پارٽي جي ذميوارن جي مان عيد ملن پارٽي جي دعوت ڪئي وئي وئي. دعوت ۾ فريال ٽالپر، نثار کهڙو، ندا کهڙو سميت پارٽي جي ٻين اڳواڻن به شرڪت ڪئي. دعوت جي موقعي تي ۽ ڪجهه ڏينهن پهريان پ پ چيئرمين کي پ پ پ جي پولنگ ايجنٽن پاران نوڪرين ۽ ٻين مسئلن بابت درخواست ڏنيون هيون. ڪارڪنن پاران بلاول ڀٽو زرداري کي ڏنل درخواستون نئون ديرو هائوس ٻاهران رستي جي ڪناري تان لڌيون ويون آهن.

نئون ديرو هائوس ۾ ٿيل عيدملن پارٽي ۾ شريڪ ڪارڪن تقريب ختم ٿيڻ بعد جيئن ئي هائوس مان ٻاهر نڪتا ته رستي جي ڪناري تي ڪاغذن جي ڍير تي نظر پئجي وئي. ڪاغذن جو ڍير ڏسي ڪجهه ماڻهن کي شڪ پيو جن انهن کي ڦلهوڙي ڏٺو ته اُهي ردي جا ڪاغذ نه پر سندن پاران ئي پنهنجي تڪ جي چونڊيل نمائندي ۽ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ڏنل درخواستون هيون، جن ۾ ڪجهه حلف ناما به هئا. نئون ديرو هائوس ۾ ڪارڪنن جا مسئلا حل ڪرڻ واري بلاول جي تقرير ٻڌي ٻاهر آيل ڪارڪنن جڏهن ڪجهه دير اڳ ڏنل پنهنجون درخواستون رستي جي ڪناري تان گند جي ڍير تان لڌيون ته پريشان ٿي ويا. عجب جهڙي ڳالهه ته اتي موجود پارٽي جا ڪجهه اڳواڻ اهو منظر ڏسندا رهيا.

نوڪرين ۽ ٻين مسئلن بابت درخواستون ڏنيون ويون. ڪارڪنن پاران مليل درخواستون نئون ديرو هائوس ڪي عملي ۽ پ پ اڳواڻن درخواستون وصول ڪيون ويون. انهن ئي ڪارڪنن جي مان ۾ ٿيل دعوت جيئن ئي ختم ٿي ۽ ڪارڪن واپس وڃڻ لڳا ته نئون ديرو هائوس ٻاهران درخواستون رستي جي پاسي تي ڦٽو ڪيل مليون. پ پ ڪارڪنن درخواستن کي ڳولڻ شروع ڪيون ۽ مايوسي جي حالت ۾ رستي تي اڇلايل درخواستون ڳولي هٿ ڪري واپس روانا ٿي ويا.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *