Wednesday , April 24 2024

بلاول هائوس وارا ورهين تائين واٽر ٽئنڪرز جو بل نه ڏيندا هئا، هاڻي ڏين ٿا: واٽر ڪميشن ۾ انڪشاف

ڪراچي( رپورٽر  سنڌسماءَچار) سنڌ واٽر ڪميشن آڏو واٽر بورڊ انتظاميا اعتراف ڪيو آهي ته گذريل ڪجهه عرصي کان بلاول هائوس پاڻي جي ٽئنڪرز ۽ واٽر سپلاءِ جو بل ادا ڪرڻ شروع ڪيو آهي، ان کان اڳ ۾ بلاول هائوس وارا بل ڏيندائي ڪو نه هئا.،واٽر ڪميشن جي سربراهه جسٽس امير هاني مسلم چيو آهي ته هو بلديه واٽر هائيڊرنٽ ۾ مقرر واٽر بورڊ جي ملازمن جي ڪارڪردگي مان مطمئن نه آهي، 6، 6 سالن کان مقرر ملازمن کي اتان هٽايو وڃي.  سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ واٽر ڪميشن جي ڪارروائي ٿي جنهن دوران ايم ڊي واٽر بورڊ پيش ٿيو. واٽر ڪميشن سربراهه جسٽس امير هاني مسلم چيو ته هو بلديه واٽر هائيڊرنٽ ۾ مقرر واٽر بورڊ جي ملازمن جي ڪارڪردگي مان مطمئن نه آهي، ٽينڪر جي قيمت 1200 مان گهٽ ڪري 600 روپيا ڪئي وڃي.  واٽر ڪميشن چيو ته بلديه واٽر هائيڊرنٽ ۾ 6، 6 سالن کان مقرر ملازمن کي اتان هٽايو وڃي. واٽر بورڊ جي ايم ڊي ڪميشن کي آگاهه ڪيو ته واٽر بورڊ جا سڀئي ملازم ڪرپٽ ناهن، ڪجهه ملازم چوريون ڪندا آهن. ايم ڊي واٽر بورڊ چيو ته واٽر بورڊ جو ملازم پرچيون ڪاٽي ڪاٽي مالڪ بڻجي وڃي ٿو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *