Friday , March 29 2024

بحريا ٽائون جي 460 ارب رپين جي آڇ قبول، نيب کي ريفرنس داخل نه ڪرڻ جو حڪم

بحريا ٽائون 460 ارب رپين واري رقم 7 سالن دوران قسطن ۾ ادا ڪندو:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ بحريا ٽائون ڪراچي واري منصوبي عيوض 460 ارب رپيا وصول ڪري ان خلاف ڪرپشن ريفرنس داخل ڪرڻ کان روڪڻ جو حڪم  ڏئي ڇڏيو آهي، رقم 7 سالن دوران قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي، بحريا ٽائون جون ملڪيتون گروي رکي سگهبيون. سپريم ڪورٽ اسلام آباد ۾ جسٽس عظمت سعيد شيخ جي سربراهي ۾ قائم بئنچ بحريا ٽائون ڪراچي واري منصوبي ۾ زمينن جي الاٽمينٽ سميت مختلف معاملن  جي عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي بعد عدالت مختصر فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، لکت ۾ تفصيلي فيصلو بعد ۾ ٻڌايو ويندو. گذريل ٻڌڻي تي بحريا ٽائون ڪراچي جي اختيارين پاران عدالت کي آڇ ڪئي وئي هئي ته، اُهي هن منصوبي لاءِ خريد ڪيل زمينن جي اگهه پار سميت مختلف معاملن جي مد ۾ 440 ارب رپين بدران 450 ارب رپيا ڏيڻ لاءِ تيار آهن. جنهن تي عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ عملدرآمد ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ٻڌڻي 21هين مارچ / اڄ تائين ملتوي ڪئي هئي. عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته، بحريا ٽائون هلندڙ سال 27 آگسٽ تائين 25 ارب رپيا ڊائون پيمنٽ جي صورت ۾ ادا ڪرڻا پوندا.

مجموعي طور تي 460 ارب رپيا 7 سالن دوران قسطن ۾ ادا ڪيا ويندا. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ ڄاڻايو آهي ته جيڪڏهن بحريا ٽائون لاڳيتو ٻه قسطون ادا نه ڪيون ويون ته بحريا ٽائون کي ڊفالٽر. بحريا ٽائون کي اڍائي ارب رپيا ماهوار جي حساب سان ادا ڪرڻي پوندي، باقي رقم 4 سيڪڙو وياج سان گڏ ٽن سالن دوران ادا ڪرڻي پوندي. ان سلسلي ۾ بحريا ٽائون منصوبي اندر پنهنجي سئينيما، ۽ ٻيون اهم ملڪيتون به گروي رکڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي، جتي 99 سالا ليز تي گهر، فليٽ، دوڪان ۽ ٻيون ملڪيتون ٺاهي وڪرو ڪري سگهندو. سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ چيو آهي ته، رقم سپريم ڪورٽ ۾ جمع ٿيندي جيڪا بعد ۾ اسان ان کي قانون مطابق ان جي حقدار کي ڏينداسين. ٻڌڻي دوران سنڌ حڪومت جي وڪيل عدالت کي چيو ته اها رقم اسان کي / سنڌ حڪومت کي ڏني وڃي. جنهن تي عدالت چيو ته، اوهان چئي چڪا آهيو ته بحريا ٽائون کي زمين ڏيڻ سان سنڌ حڪومت کي ڪو ب ه نقصان ناهي ٿيو، پوءِ هاڻي هي رقم اوهان کي ڇو ڏيون، ان جو فيصلو عدالت بعد ۾  ڪندي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *