Friday , March 29 2024

بحريا آءِ ڪون ڪلفٽن جا سيڙپڪار ڏچي! ملڪ رياض جي ناٺي جي گرفتاري لاءِ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽس جاري

ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي  سنڌسماءَچار) ڪراچي جي احتساب عدالت بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض جي ناٺي زين ملڪ کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽس جاري ڪري ڇڏيا آهن، احتساب عدالت نمبر 3 ۾ ڪراچي جي ڪلفٽن واري واري علائقي ۾ گهڻ مار عمارت واري فلاحي پلاٽ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪراچي جو اڳوڻو ناظم ۽ پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال، اڳوڻو ڊي سي او ڪراچي فضل الرحمان، افتخار قائمخاني ۽ ٻيا به ساڳئي ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد ٿيل آهن، جيڪي عدالت ۾ پيش ٿيا پر زين ملڪ عدالت ۾ پيش نه ٿيو. احتساب عدالت نمبر 3 ۾ جيئن ئي بحريا آءِ ڪون ٽاور جي اڏاوت ۽ انهن پلاٽن بابت ڪيس معزز جج آڏو پيش ڪيو ويو ته، مصطفيٰ ڪمال، فضل الرحمان ۽ افتخار قائمخاني پنهنجي قانوني ٽيم سان گڏ پيش ٿيا، سندن وڪيلن عدالت آڏو هنن جي پيشي جي حاضري لڳرائي.

عدالت ڪيس ۾ مک جوابدار ڄاڻايل بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض جي ناٺي زين ملڪ جي غير موجودگي بابت پڇاڻو ڪيو ته سندس وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته، زين ملڪ برطانيا ۾ آهي انڪري عدالت ۾ پيش نه ٿو ٿي سگهي، زين ملڪ جي وڪيل عدالت کي درخواست ڪئي ته، جهڙي نموني احتساب عدالت پارڪ لين ڪرپشڻ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري جو وڊيو لنڪ ذريعي بيان رڪارڊ ڪيو آهي، ساڳئي طرح سندس مؤڪل زين ملڪ جو به برطانيا مان وڊيو لنڪ ذريعي بيان قلمبند ڪيو وڃي. زين ملڪ جي وڪيل جو موقف ٻڌڻ بعد سندس موقف رد ڪندي زين ملڪ کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. احتساب عدالت جي جج ڪيس جي جاچ آفيسر کي هدايت ڪئي ته، زين ملڪ کي هر صورتت ۾ گرفتار ڪري ڪيس جي ايندڙ شُنوائي تي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. احتساب عدالت پي ايس پي جي سربراهه ۽ ڪراچي جي اڳوڻي ناظم مصطفيٰ ڪمال، اڳوڻي ڊي سي او ڪراچي فضل الرحمان، ايگزيڪيوٽو ڊسٽرڪٽ آفيسر افتخار قائمخاني سميت ٻين جوابدارن خلاف ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ ٻڌڻي 9 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

ياد رهي ته زين ملڪ، مصفطيٰ ڪمال، افتخار قائمخاني، ممتاز حيدر ۽ سيد نشاط علي نذير زرداري ۽ ٻين خلاف نيب  ۽ ٻين خلاف نيب پاران ريفرنس منظور ڪيو ويو هو. نيب ريفرنس ۾ ڊِي جي بلڊرز اينڊ ڊولپرز سان لاڳاپيل پنج بلڊرن زين ملڪ، محمد دائود، محمد يعقوب، محمد عرفان ۽ محمد رفيق کي جوابدار طور نامزد ڪيو ويو ويو هو. نيب جي منظوري بعد احتساب عدالت ۾ داخل ڪيل ريفرنس موجب ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ( ڪي ايم سي) 1982 ۾ اخبارون وڪرو ڪندڙن ( اخبار فروش) جا دوڪان هٽايا هئا، جن کي ڪوٺاري پريڊ ڪلفٽن جي ڀرسان ٻن فلاحي پلاٽن تي 198 دوڪان قائم ڪيا ويا هئا، دڪانن کان سواءِ 255 ڏهائي 55 اسڪوائر گزن جا 4 ڪمرشل پلاٽس به شامل هئا. نيب داخل ڪيل ريفرنس ۾ زين ملڪ سميت سمورن جوابدارن تي الزام لڳايو ويو آهي ته ڊي جي بلڊرز اخبار فروشن کان سمورا 198 دڪان خريد ڪيا پر 2 فلاحي پلاٽ بلڊرز جي نالي تي منتقل نه ٿيا هئا، فلاحي پلاٽن تي ڪا به ڪمرشل يا نان ڪمرشل اڏاوت نه ٿي ڪري سگهجي.

بحريا ٽائون جو سنڌ حڪومت جي مدد سان قديمي ڏيپار گوندر ڳوٺ ڊاهڻ لاءِ ٽن ڏينهن کان گهيرو

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *