Friday , March 29 2024

بئلٽ پيپرز سميت اليڪشن جو سامان پولنگ اسٽيشنز تي پهچي ويو

ڪراچي( رپورٽر  سنڌسماءَچار) عام چونڊن لاءِ پولنگ سڀاڻي ٿيندي، بيلٽ پيپرز سوڌو ٻيو سامان پاڪ فوج ۽ پوليس جي نگراني ۾ پولنگ اسٽيشنز تي پهچايو ويوآهي، اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته شهري علائقن ۾ سامان جي پهچائڻ وارو ڪم ڪجهه ڏورانهن علائقن ۾ به رات دير تائين پهچي وپندو، .اليڪشن ڪميشن موجب بيلٽ پيپرز ۽ ٻيو سامان پولنگ اسٽيشنز تي پهچائڻ وارو عمل فوجي جوان ۽ پوليس اهلڪارن جي سخت نگراني هيٺ جاري رهوي، جيڪو شهري علائقن ۾ رات جو سوير ڀرو پهچايو ويو آهي ۽ ڏورانهن علائقن ۾ به صبح سوير تائين پهچي ويندي. شهري علائقن ۾ سامان پهچائڻ جو ڪم اڄ شام تائين مڪمل ٿي ويندو، جڏهن ته ڏورانهن علائقن ۾ بيلٽ پيپرز ۽ ٻيو سامان پهچائڻ وارو عمل مڪمل ٿي ويندو.

اڄ عام چونڊن ۾ پنجاب ۾ 6 ڪروڙ 6 لک 72 هزار 870 ۽ سنڌ جا 2 ڪروڙ 23 لک 97 هزار 244 ووٽرز حق استعمال ڪندا، جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ هڪ ڪروڙ 53 لک 16 هزار 299 ۽ بلوچستان ۾ 42 لک 99  هزار 494 ووٽرز پنهنجو حق استعمال ڪندا. اليڪشن ڪميشن موجب، فاٽا جا 25 لک 10 هزار 154 ۽ اسلام آباد جا 7 لک 65 هزار 348 شهري به ووٽ ڪاسٽ ڪري سگهندا. عام چونڊن دوران سڄي ملڪ ۾ 16 لک جي ڀڳ ڀڳ عملو ڊيوٽيون سرانجام ڏيندو، جن ۾ 85 هزار 307 پرزائيڊنگ آفيسرز، 5 لک 10 هزار 356 اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر ۽ 2 لک 55 هزار 178 پولنگ آفيسر شامل آهن. اليڪشن ڪميشن موجب، 131 ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسر ۽ 870 کان وڌيڪ ريٽرننگ آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ 48 هزار 610 پرزائيڊنگ آفيسر ۽ 2 هزار 81 هزار 62 اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر، جڏهن ته هڪ لک 40 هزار 534 پولنگ آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن. سنڌ ۾ 17 هزار 747 پرزائيڊنگ آفيسر، هڪ لک 22 هزار 204 اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر ۽ 61 هزار 102 پولنگ آفيسر ڊيوٽيون سرانجام ڏيندا.

خيبر پختونخواهه ۽ فاٽا ۾ 14 هزار 530 پرزائيڊنگ آفيسر، 83 هزار 692 اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسير ۽ 14 هزار 846 پولنگ آفيسر مقرر ٿيل آهن. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ 4 هزار 420 پرزائيڊنگ آفيسر، 23 هزار 398 اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر ۽ 11 هزار 699 پولنگ آفيسر مقرر ٿيل آهن. اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي لاءِ 272 ريٽرننگ آفيسر ۽ 600 اسسٽنٽ ريٽرننگ آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته صوبائي اسيمبلي لاءِ 5سئو 77 ريٽرننگ آفيسر ۽ هڪ هزار 140 اسسٽنٽ ريٽرننگ آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *