Thursday , March 28 2024

اپوزيشن حڪومت مخالف تحريڪ جي تياري، پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي نالي سان اتحاد قائم

پي ڊي ايم پاران آڪٽوبر ۾ احتجاجي مظاهرا ۽ ايندڙ سال جنوري ۾ اسلام آباد طرف مارچ جو اعلان

اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) مخالف ڌر جي يارنهن جماعتي اي پي سي حڪومت خلاف ڀرپور تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪندي، پاڪستان ڊيموڪريٽڪ فورم ( پي ڊي ايم) ٺاهي ورتو، اي پي سي جي پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته، وزيراعظم عمران خان جي استعيفيٰ، فوري طور تي نيون چونڊون ڪرائڻ ۽ گم ٿيل ماڻهن کي عدالتن ۾ پيش ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ پيپلزپارٽي جي ميزباني هيٺ ٿيل اپوزيشن پارٽين جي اي پي سي کانپوءِ مولانا فضل الرحمان،  بلاول ڀٽو زرداري ۽ شهباز شريف گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. مولانا فضل الرحمان اي پي سي ۾ طئي ڪيل 26 نقاطي ايجنڊا ميڊيا آڏو پيش ڪندي چيو ته،اپوزيشن جماعت پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ نالي اتحاد قائم ڪري ان جي پليٽفارم تان حڪومت خلاف آڪٽوبر مهيني کان احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي. مولانا فضل الرحمان چيو ته، اي پي سي وزيراعظم عمران خان کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي ملڪ فوري طور تي شفاف ۽ منصفاڻيون چونڊو ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، هن چيو ته ايندڙ سال جنوري مهيني دوران حڪومت خلاف اسلام آباد مارچ ڪيو ويندو. اي پي سي مطالبو ڪري ٿي ته 1973 جي آئين ۽ ارڙهين ترميم خلاف ڪا به سازش قبول نه ڪئي ويندي. مولانا فضل الرحمان پڌرانو ميڊيا آڏو پيش ڪندي چيو ته، ملڪ مان ماڻهن جي  کنڀي گم ڪرڻ جو سلسلو بند ڪري کنڀيل سمورن ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي، جيڪڏهن ڪنهن تي ڪو الزام آهي ته انهن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي، هن چيو تهموجودهه حڪومت “سقوط ڪشمير ” جي ذميوار آهي.

مولانا فضل الرحمان چيو ته سليڪٽيڊ حڪومت جَي خاتمي لاءِ گڏيل اپوزيشن پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر سمورا سياسي ۽ آئيني آپشن استعمال ڪندي، بَي اعتمادي رٿ پيش ڪرڻ سان گڏ مناسب وقت تي اجتماعي استعيفائن وارو آپيشن به استعمال ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته اي پي سي ملڪي سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ جِي مداخلت تي ڳڻتي ظاهر ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته اسٽيبلشمينٽ آئين جِي پاسداري ڪندي سياست ۾ مداخلت کان پاسو ڪري.سليڪٽيڊ حڪومت پارليامينٽ کي مفلوج بڻائي ڇڏيو آهي، زبردستي پاس ڪرايل قانون واپس ورتا وڃن، گڏيل اپوزيشن رٻڙ اسٽيپ پارليامينٽ سان ڪنهن به قسم جو سهڪار نه ڪندي، اَي پي سي دوران ملڪ ۾ احتساب جو نئون قانون ٺاهي عدليه ۽ دفاع سميت سمورن ادارن توڙي شهرين جو هڪجهڙو احتساب ڪرڻ جو به مطالبو.

سنڌ حڪومت پاران بُنڊار سان گڏ ڏنگي ٻيٽ تي به منصوبن ۾ وفاق سان سهڪار جو اعلان

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *