Thursday , March 28 2024

ايون فيلڊ فليٽس ڪيس، نواز شريف کي 10 ۽ مريم نواز کي 7 سال قيد جي سزا

    نواز شريف جيل ۾ ( فائيل فوٽو)

اسلام آباد( رپورٽر سنڌسماءَچار) ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف کي 10 سال، مريم نواز کي 7 سال ۽ صفدر کي هڪ سال قيد جي سزا، مريم نواز ۽ صفدر چونڊ وڙهڻ لاءِ نااهل، نواز شريف تي هڪ ارب 28 ڪروڙ ۽ مريم نواز تي 32 ڪروڙ 21 لک ڏنڊ جي به سزا، نواز شريف جا ايون فيلڊ اپارٽمينٽس ضبط ڪرڻ جو به حڪم، نواز شريف جا پٽ حسن ۽ حسين نواز غير حاضري سبب روپوش قرار، ٻنهي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جو حڪم، احتساب عدالت لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو آهي ته، جن ڏينهن ۾ مريم ۽ حسن نواز نواز جي نالي تي فليٽس ورتا ويا ان وقت اهي تعليم حاصل ڪري رهيا هئا.احتساب عدالت جي جج محمد بشير ايون فيلڊ ريفرنس تي نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر خلاف فيصلو پڙهي ٻڌايو.

احستاسب عدالت نمبر هڪ جي جج محمد بشير ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو ٻڌائيندي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف تي 80 لک پائونڊ ۽ مريم نواز تي 20 لک پائونڊ ڏنڊ هنيو ۽ ايون فيلڊ اپارٽمينٽس کي ضبط ڪرڻ جو به حڪم جاري ڪيو جڏهن ته ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر تي ڪو به ڏنڊ نه هنيو ويو. عدالتي حڪم ۾ چيو ويو ته ڪوڙا دستاويز جمع ڪرائڻ تي مريم نواز کي وڌيڪ هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي، عدالت ڪيس جي شريڪ جوابدارن حسين ۽ حسن نواز جا دائمي گرفتاري وارنٽ به جاري ڪيا. فيصلي ۾ چيو ويو ته سمورن جوابدارن کي اپيل ۾ وڃڻ کان اڳ گرفتاري ڏيڻي پوندي. مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر چونڊ وڙهڻ لاءِ به نااهل ٿي ويا آهن. ايون فيلڊ ريفرنس جو لکت ۾ به فيصلو جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ حسين نواز  جي ٽي وي انٽرويو، نواز شريف جي قومي اسيمبلي ۽ قوم کي خطاب، جي آءِ ٽي رپورٽ سميت سپريم ڪورٽ جي فيصلن جو حوالو ڏنو ويو آهي. لکت جي فيصلي ۾ چيو ويو ته نوازشريف کي سخت پورهئي سان گڏ 10 سال قيد جي سزا ۽ 8 ملين پائونڊ ڏنڊ ٻڌايو ويو ۽ کيس هڪ سال اضافي سزا به ٻڌائي وئي آهي.

احتساب عدالت پاران ايون فيلڊ فليٽس ريفرنس جي لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي مطابق نواز شريف کي شيڊول ٽو تحت وڌيڪ هڪ سال جي سزا ٻڌائي وئي آهي، جنهن تحت کيس مجموعي طور 11 سال سزا ٻڌائي وئي آهي ٻئي سزائون هڪ ئي وقت شروع ٿينديون. فيصلي ۾ چيو ويو ته مريم نواز کي شيڊول ٽو تحت هڪ سال وڌيڪ سزا ٻڌائي وئي آهي، جنهن تحت سندس مجموعي طور سخت پورهئي سان گڏ 8 سال سزا هوندي، مريم نواز جي به ست سال ۽ هڪ سال واريون سزائون گڏ شروع ٿينديون. لکت ۾ جاري ٿيل فيصلي ۾ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر کي سخت پورهئي سان هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي، ان کان علاوه عدالت وفاقي حڪومت کي ايون فيلڊ اپارٽمينٽس ضبط ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو ته حسن ۽ حسين نواز روپوش آهن، کين اشتهاري قرار ڏنو وڃي، عدالت ٻنهي ڄڻن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. حسين نواز پاڻ تسليم ڪيو ته هو لنڊن فليٽس جو مالڪ آهي، حسن نواز جي انٽرويو موجب ايون فيلڊ اپارٽمينٽس سندس استعمال هيٺ رهيا. تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو ته مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر نواز شريف جي ملڪيت لڪائڻ ۾ ملوث رهيا آهن. احتساب عدالت ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو ساڍا 12هين وڳي ٻڌائڻ جو اعلان ڪيو هو، ان فيصلي کي پهرين اڍائي وڳي، پوءِ 3 وڳي ۽ پوءِ وري ساڍا 3 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ۽ مريم نواز لنڊن ۾ هئڻ سبب عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيا ۽ انهن عدالتي فيصلو ايون فيلڊ اپارٽمينٽس ۾ ئي ٻڌو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *