Thursday , March 28 2024

ايندڙ چونڊن ۾ کٽئون يا هارايون، پولنگ اسٽيشنز تي قبضا ڪري نتيجا وٺي پوءِ اٿنداسين: آصف زرداري

vote 1

 اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ پولنگ استيشنز تي قبضو ڪنداسين، کٽئون يا هارايون نتيجا وٺي پولنگ اسٽيشنز تان پوءِ اٿنداسين، مون سي پيڪ وارو خواب ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي عوام لاءِ ڏٺو هو پر موجوده حڪمران ان کي اسلام آباد کڻي ويا آهن.

پشاور ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته پيپلزپارٽي عوام کي حق ڏيڻ سان گڏ پختونن کي سڃاڻپ پڻ ڏني آهي، سي پيڪ جوا خواب بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي عوام لاءِ ڏٺو هو پر موجوده حڪمران ان کي اسلام آباد کڻي ويا آهن.

آصف علي زرداري چيو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ اسان پولنگ استيشنز تي قبضو ڪنداسين. آصف زرداري چيو ته پيپلز پارٽي اليڪشن کٽي يا هارائي پر نتيجا وٺي پوءِ پولنگ اسٽيشنز تان پوءِ اٿنداسين. مون کي فخر آهي ته تاريخ ۾ پيپلزپارٽي جو نالو ايندو، اين ايف سي ايوارڊ توهان جو حق هو، اوهان تي ٿورو ناهي ڪيو ويو.

آصف زرداري چيو ته الله تعاليٰ  اسان کي موقعو ڏنو هو ته توهان کي اين ايف سي ايوارڊ ڏيان، ڪراچي هن وقت پختونن جو وڏو شهر آهي. فاٽا جي عوام کي ٻين صوبن جي عوام وانگر حق ملڻ گهرجن، فاٽا کي ڪي پي ڪي ۾ شامل ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي. آصف زرداري وڌيڪ چيو ته ميان صاحب جي سوچ آمريڪين واري سوچ آهي، جيڪي چوندا هئا ته ملڪ ۾ 6 مهينن ۾ لوڊشيڊنگ ختم نه ڪئي ته نالو مٽائجو، هاڻي اسان سوچيون پيا ته انهن جو نالو ڪهڙو رکون.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *