Friday , March 29 2024

ايندڙ چونڊن ۾ آصف زرداري بنا مقابلي کٽڻ جا خواب ڏسڻ ڇڏي : راشد محمود سومرو

Lrk JUI1

آصف زرداري ايندڙ عام چونڊن ۾ سنڌ مان بنا مقابلي کٽڻ جا خواب ڏسي رهيو، جنهن ۾ کيس ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولان راشد محمود سومرو چيو آهي ته، ڀوتارن جي پ پ ۾ وڃڻ سان سنڌ جو سياسي منظر نامون تبديل ٿيڻ جا خواب ڏسندڙ خوشفهمي جي ور چڙهيل آهن.
لاڙڪاڻي ۾ جي يو آءِ پاران ڪرپشن خلاف ريلي ڪڍي وئي، اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ ۾9 سالن کان حڪومت ڪندڙ پ پ ڪرپشن کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڪيو، آصف زرداري وڏيرن ۽ ڀوتارن کي پارٽي ۾ شامل ڪري بنا مقابلي کٽڻ جا خواب ڏسڻ ڇڏي ڏي.
جي يو آءِ پاران مولانا راشد محمود سومرو، مولانا عبد القيوم هاليجوي، مولانا سعود افضل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ دودائي روڊ کان ”ڪرپشن مٽايو سنڌ بچايو“ ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي جناح باغ چوڪ وٽ پهتي، جتي جلسو ڪيو ويو.
ريلي کي خطاب ڪندي جي يو آءِ اڳواڻن چيو ته حڪمرانن سنڌ ۾ ڪرپشن جي انتها ڪري ڇڏي آهي، ڪو به ڪم رشوت کانسواءِ نٿو ٿئي.
هنن جو چوڻ هو ته نوڪرين ۾ ميرٽ جي لتاڙ ٿي رهي آهي، جڏهن ته ڪرپشن سبب سنڌ جا شهر کنڊرات جو ڏيک ڏئي رهيا آهن.
هنن چيو ته سنڌ ۾ 9 سالن کان حڪومت ڪندڙ پيپلز پارٽي صوبي جي عوام کي ڪرپشن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ڏنو، جڏهن ته ڪرپشن سبب سمورا ادار پڻ تباهه ٿي ويا آهن.
هنن چيو ته پ پ جو شريڪ چيئرمين آصف زرداري وڏيرن ۽ ڀوتارن کي پارٽي ۾ شامل ڪري ايندڙ چونڊون بنا مقابلي کٽڻ چاهي ٿو، پر جي يو آءِ سندس اهو خواب ڪڏهن به پورو ٿيڻ نه ڏيندي ۽ هر تڪ تي پ پ جو مقابلو ڪندي.
هنن چيو ته سنڌ مدرسا امن جا مرڪز آهن، هتي ڪنهن به مدرسي ۾ دهشتگردي جي سکيا نه پئي ڏني وڃي..

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *