Thursday , March 28 2024

ايس ايس پي ملير رحيم شاهه جو سهولتڪار بڻيل،حراست ۾ وٺڻ بعد ڇڏي ڏنو

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) ملير پوليس قتل ڪيس سميت مختلف ڏوهن ۾ ملوث جوابدار رحيم شاهه کي گرفتار ڪرڻ بدران سندس سهولتڪاري وارو ڪردار ادا ڪندي ايس ايس پي آفيس ۾ مهمانوازي ڪرڻ ۽ گرفتاري کان اڳ واري حفاظتي ضمانت ڪرائڻ جي صلاح ڏئي حفاظت سان واپس روانو ڪري ڇڏيو، ايس ايس پي آفيس مان واپسي بعد ڀينس ڪالوني ۾ رحيم شاهه هڪ سينئر وڪيل معرفت ضمانت واري درخواست تيار ڪرائي ورتي آهي، جيڪا سومر تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرائي ويندي. سنڌ پوليس جي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته، قومپرست اڳواڻ ارشاد رانجهاڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدار رحمي شاهه کي آچر ۽ سومر جي وچي واري رات جو ايس ايس پي ملير بيان رڪارڊ ڪرائڻ جي بهاني سان سڏائي سندس مهمان نوازي ڪئي. ايس ايس پي آفيس جي ذريعن موجب ايس ايس پي رحيم شاهه سان پنهنجي آفيس ۾ لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪلاڪ تائين نويڪلائي ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ايس ايس پي رحيم شاهه کي صلاح ڏني ته هُو فوري طور تي پنهنجي گرتاري کان اڳ حفاظتي ضمانت لاءِ عدالت سان رابطو ڪري. ذريعن جو چوڻ آهي ته رحيم شاهه ايس ايس پي سان ملاقات ڪرڻ بعد پنهنجي رهائشگاههتي پهتو جتي، هن هڪ سينئر وڪيل کي فون تي گهرائي ضمانت واري درخواست داخل ڪرائڻ جو چيو. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته، رحيم شاهه اڄ 11 هين فيبروري سومر ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گرفتاري کان اڳ حفاظتي ضمانت واري درخواست داخل ڪندو، جنهن سان گڏ هڪ ٻي ضمني درخواست به داخل ڪئي ويندي، جنهن ۾ ضمانت واري درخواست تي تڪڙي ٻڌڻي جي اپيل ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *