Friday , March 29 2024

”ايان جو ڪيس وڙهيو ۽ بينظير جو ڪيس ڇو روليو“، ووٽرز جو نويد قمر کان سخت پڇاڻو

ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) ٽنڊو محمد خان ويجهو ڳوٺ بـِـجــَر خان ٽالپر ۾ هڪ ناراض ووٽر پاران پيپلزپارٽي جي اميدوارن سيد نويد قمر ۽ اعجاز شاهه بخاري کان سخت پڇاڻو، شهيد بينظير جي قتل ڪيس جي توهان ڪهڙي پيروي ڪئي آهي، ماڊل آيان علي جي ڪيس جيان شهيد راڻي بينظير جي ڪيس جي پيروي ڇو نه ڪئي وئي؟ ووٽر جا سوال. سڄي سنڌ ۾ مختلف پارٽين جي اميدوارن خاص طور پيپلز پارٽي جي اميدوارن کان پارٽي ڪارڪنن ۽ عام ووٽرز پاران سخت پڇاڻي وارو عمل جاري آهي. ان سلسلي ۾ ٽنڊو محمد خان ويجهو هڪ ناراض ووٽر پيپلزپارٽي جي اميدوارن سيد نويد قمر ۽ اعجاز شاهه بخاري کان سخت پڇاڻو ڪيو. اين اي 228 تي پ پ اميدوار سيد نويد قمر ۽ پي ايس 68 تي اعجاز شاهه بخاري چونڊ مهم لاءِ ڳوٺ بجر خان ٽالپر پهتا جتي هڪ ناراض ووٽر اسماعيل ٽالپر سوال جواب ڪيا.

اسماعيل ٽالپر نويد قمر ۽ اعجاز شاهه کان پڇاڻو ڪندي چيو ته، ” ووٽر شهيد بينظير جي قتل ڪيس جي توهان ڪهڙي پيروي ڪئي آهي؟. اوهان ماڊل ايان علي جو ڪيس ته ڀرپور نموني سان وڙهيو پر شهيد راڻي جي ڪيس جو ڇا ڪيو؟“ هن چيو ته ماڊل آيان علي جي ڪيس جيان شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي ڪيس جي پيروي ڇو ڪيو ها ته ڇا ٿئي ها، اوهان کي ته ڄڻ الڪو ئي نه هو ته ڪا بينظير شهيد ٿي آهي“. ووٽر پ پ اميدوارن کي چيو ته هر ڀيري اوهان کي ووٽ ڏنا آهن، پر اسان کي نظر انداز ڪيو ويو آهي. ناراض ووٽر پ پ اميدوارن کي وڌيڪ چيو ته ڳوٺ ۾ هڪ به بنيادي سهولت ناهي ڏني وئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *