Tuesday , August 11 2020
uren

اندر رُوح رهيام، خاڪي جويو کي ڀيٽا – سنڌو جويو

خاڪي جويي جي ورسيءَ جي موقعي تي سندس وڏور نياڻي پنهنجا احساس اوري ٿي

سنڌُو جويو

2 مئي 2017ع تي منهنجو بابا، خاڪي جويو مون کان جسماني طور تي هميشه لاءِوڇڙي ويو. بابا جو نالو ”خاڪي“ ۽ منهنجو ”سنڌُو“.. اسان جو تعلق به خاڪ ۽ پاڻيءَ وانگر اڻ ٽٽ آهي ۽ رهندو، پر هُو طبعي طور ٽي ورهه اڳ هميشهه لاءِ ويو. منهنجي بابا جي ڄم جي تاريخ، جيڪا بابا، ڏاڏيءَ کان پار پتن تي پُڇي هئي ته هو جڏهن “ڪاٺين” جي ڳوٺ ۾ ويٺل هئا، اتي وڏي ٻوڏ آئي هئي، تڏهن بابا پنجن ورهن جو هو. بهار جي مند هئي ۽ خميس جو ڏينهن  ۽ صفر مهيني جي 21 تاريخ هئي. بابا ڏاڏيءَ جي ٻڌايل سنڌي تاريخ تحت پنهنجي ڄم جي تاريخ ڪڍي، جيڪا 8 مارچ 1942ع بيٺي. منهنجو ڏاڏو هڪ پورهيت هو ۽ هو پنهنجي ڪٽنب سميت اڪثر لڏپلاڻ ڪندو رهندو هو، پر آخر ۾ هُو سڪرنڊ ويجهوڳوٺ ”مجيد ڪيرئي“ ۾ اچي ويٺو،  جتي سائين جي. ايم. سيّد جو پٽ، سيّد امداد محمد شاهه پنهنجيون زمينون سنڀاليندو هو. اسان جا وڏڙااصل ڳوٺ لڪي شاهه صدر کان ٻه ڪلوميٽر اوڀر ۾ ”آباد“ نالي هڪ ڳوٺ جا هئا، جيڪو  سائين محمّد ابراهيم جويي جو ڳوٺ ۽ جنم ڀومي به آهي. بابا وارا پاڻ ۾ پنج ڀائر هئا ۽ کين هڪ ڀيڻ آهي، جنهن مان بابا سميت چار ڀائر هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن. وڏو چاچو ڌڻي بخش ”سن“ شهر  ۾  مختلف شين جو دوڪان  هلائيندو هو. 17 جنوري 2010ع تي سندس وفات ٿي. ٻيو نمبر چاچو گُلڻ، مجيد ڪيرئي ۾ اسڪول ۾ نائب قاصد هو. اهو گهڻو اڳ 1945ع ۾ وفات ڪري ويو، ٽيون چاچو جيڪو طبيعتاً مسڪين ۽ پيشي جي لحاظ کان هاري هو، بابا جي وڃڻ کان 10 ڏينهن اڳ، 22 اپريل 2017ع تي ڀلي پار ڏي گذاري ويو، جيڪو عمرو ڪرڻ لاءِ اوڏانهن ويل هو. رب  منهنجي چاچي، تاج جويي کي صحت ساڻ وڏي حياتي ڏي.ان سان گڏ هڪ پُڦي پڻ حيات آهي. بابا اسان جي پڦيءَ سان بيحد پيار ڪندو هو.

منهنجو ڏاڏو “حاجي” هڪ ڪڙمي ۽ مالوند ماڻهو هو. هن پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجي اولاد مان ڪنهن کي به ڪونه پڙهايو هو. سندس ٻار جڏهن ستن اٺن سالن جا ٿيندا هئا، ته پاڻ سان گڏ مال چارڻ لاءِ وٺي ويندو هُئن يا ٻني ٻاري سان لڳائي ڇڏيندو هئن. وڏو چاچو ڌڻي بخش رڳو چار درجا پڙهيل هو. جڏهن هو پنج سالن جو هو، تڏهن انگريزن جي دؤر ۾ سائين جي. ايم. سيّد تعليم جو وزير هو، هن پنهنجي وزارت ۾ ”زوريءَ تعليم“ جو بل پاس ڪرايو هو، ان ڪري هارين نارين  مسڪين ماڻهن کي پوليس جي خوف کان پنهنجا ٻار اسڪول موڪلڻا پوندا هئا. تنهن ڪري هُو چار درجا پڙهي سگهيو.

منهنجو بابا خاڪي ۽ چاچا تاج ڪئين پڙهيا..؟

منهنجو بابا به ننڍپڻ ۾ پنهنجن ٻين ڀائرن وانگر مال ئي چاريندو هو. ستن اٺن سالن جي عمر ۾ زميندارن جي ٻارن کي اسڪول ويندو ڏسي دل چوندي هئس ته جيڪر مان به اسڪول وڃان. بابا حسابن ۾ هوشيار هوندو هو. جڏهن ڳوٺ جا وڏڙا، باھهتي مچ ڪچهريءَدؤران حسابن جي ڪا ڳجهارت ڏيندا هئا، ته بابا اسڪول ويندڙ ٻارن کان به اڳ اها حسابي پروليڀڃي ڏيکاريندو هو، جنهن تي ڪچهريءَ ۾ ويٺل ماڻهو چوندا هئا ته جيڪر خميسو (منهنجي بابا جو اصل نالو) اسڪول پڙهڻ وڃي ته ڏاڍو هوشيار ٿيندو. اهڙين ڳالهين ٻڌڻ تي بابا جي دل اسڪول وڃڻ لاءِ اڃا وڌيڪ اتاولي ٿي ويندي هئي. نيٺ هڪ ڏينهن بابا اسڪول ويو، پر گهر وارن کان لڪِي، ڪجهه ڏينهن ۾ منهنجي ڏاڏَي کي خبر پئجي وئي ته بابا مال کي جهنگ ۾ ڇڏي اسڪول ٿو وڃي، جنهن تي ڏاڏي بابا کي سختيءَ سان جهليو ته مال ڇڏي نه وڃ! مال ڪنهن جي ٻنيءَ۾ پيو ته ڍڪ جا پئسا ڀري ڏيڻا پوندا، پر بابا پڙهڻ جي شوق سبب مُڙڻ وارو ڪٿي هو! پوءِ به چوريءَ اسڪول ويندو رهيو. نيٺ هڪ ڏينهن مال وڃي پرائي پوک ۾ پيو ۽ پوک جا مالڪَ، مالُ وڃي ڍڪَ ۾ وجهرائي آيا. بابا گهر آيو ته ڏاڏو ڏمريو ويٺو هئس ۽ بابا کي ڏاڍي مار ڏنائين. بابا ان ڏينهن کانپوءِ اسڪول ته ڪونه ويو، پر حسرت پوءِ به دل ۾ رهيس. بدستور جيئڻ جي جاکوڙ ڪندو رهيو… بابا پنهنجي زندگيءَ ۾ ننڍيءَ عمر کان ئي مختلف پورهيا ڪيا. ڳائو مال ۽ ٻڪريون چاريائين، اُٺَ لڏيائين، ٻني ٻارو ڪيائين، تغاريون کنيائين، هوٽل تي بيراگيري ڪيائين، بورچي رهيو، ڪارخانن ۾ بيراگيري ڪيائين.

نيٺ هڪ ڏينهن چاچا تاج کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو.ڏاڏَي سائينءَ هميشه جيان چاچي تاج کي به اسڪول ۾ نه پئي ڇڏيو، پر تيستائين بابا وڏو ٿي ويو هو ۽ محنت مزدوري ڪري گهر جو خرچ هلائڻ جهڙو به ٿي ويو هو. ان ڪري بابا زوريءَ چاچا تاج کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. پوءِ چاچا تاج اسڪول مان جيڪو ڪجهه پڙهي ايندو هو،گهر ۾ بابا کائنس روزانو سبق وٺڻ شروع ڪيو. مختلف پورهين ڪرڻ دؤران بابا قرآن شريف به پڙهي پورو ڪيو هو. سن شهر ۾ بابا، ٽلُو مل ڌيرواڻيءَ نالي هڪ ڊاڪٽر وٽ نوڪري ڪندو هو، جيڪو سائين جي. ايم. سيّد جو دوست ۽ ان وانگر ئي قوم پرست خيالن جو مالڪ هو. ان بابا جو پڙهڻ سان چاھه ڏٺو ته کيس سنڌيءَ سان گڏ انگريزي به پڙهائڻ لڳو، پر ڪجهه عرصي کان پوءِ اها نوڪري ڇڏڻ ڪري بابا جي پڙهڻ جو اهو سلسلو ٽُٽي ويو، جنهن جو افسوس کيس هميشه رهيو.

سي اڻ پڙهيا ئي پڙهيا ٿيا،جن پڙهايو پاڻ

نه ته ڪوڙين ڪتابن ساڻ، هونهئين وتن هلندا

ڀٽائي سرڪار جي هنبيت جو بابا جي زندگيءَ سان گهرو تعلق رهيو، ڇو ته بابا پاڻ مرادو پنهنجي شوق تحت پڙهيو، ۽ وٽس اسڪول يا ڪاليج جي ڪا به رسمي ڊگري ڪانه هئي، پر اڄ سنڌ کيسسندس ڏاهپ جي ڪري سڃاڻي ٿي، جنھن ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽سنڌ کي 25 سالن تائين “ساڃاهه” رسالي جهڙيشعور ڀريسوکڙي ڏني.

پھرين مئي منهنجو جنم ڏينهن آهي، پر بابا جي وڇڙڻ واري سال واري پهرين مئي کانپوءِ آءٌ اهو ڏينهن ناهيان ملهائيندي. ڇوته ٽي سال اڳموناهو سڄو ڏينهن اسپتال ۾ فڪر ۾ دعائون گهرندي گذاريو هو، جتي بابا داخل هو ۽ پنهنجا پونيان پساهه ڳڻي رهيو هو.

ان کان ڪجهه ڏينهن اڳ 19 اپريل 2017ع تي بابا مون سان، منهنجي مڙس ارشاد ۽ منهنجي ڀاءُ عرفان سان آخري پيرائتي ڪچهري ڪئي هئي۽ گهڻي وقت کان پوءِ اسان سان ايئن مسلسل کلي ڳالھايو هئائين.رات جي 2:00 لڳي کان صبح 4:00 لڳي تائين بابا جي ٽمڪندڙ مُرڪندڙ اکين (جن کي مان ڀليءَ ڀت پڙهي سگهندي هئس)اسان سڀني کي اطمينان پئي ڏنو، ڇاڪاڻ ته بيماريءَ جا آخريست سالهُو تمام گهٽ ڳالهائڻ لڳو هو. ان ڪري آءٌ سندس اکين جي ٻولي سمجهڻ لڳي هئس. ان ڪچهريءَ ۾ هن ٻه وصيتون ڪيون. هڪ مون کي چيائين ته ”منهنجو ڪتاب ”قوم ۽ سياست“ ضرور ڇپرائجان!“ ۽ ٻي اها ته ”آءٌ هاڻي وڃڻ وارو آهيان. مون کي سن ۾ پنهنجي پيءُ جي پيراندي کاندفنائجو!“ اهي ڳالهيون ٻڌي اسان سڀني جو اداس ٿيڻ فطري هو. تنهنڪري ان خوشين سان ڀريل ڪچهريءَ ڄڻ اسان کي سندس الوداع جو اشارو ڏئي اوچتو نراس ڪري ڇڏيو.

22هين اپريل تي منهنجي ڀيڻ ”ڌرتيءَ“ جي شادي مقرر ٿيل هئي، جيڪا سادگيءَ سان ٿي. بابا کي 27 اپريل تي  اسپتال داخل ڪرڻو پيو،جتي پنج ڏينهن علاج هيٺ رهڻ پُڄاڻان، هو 2 مئي تي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. اڄ کيس اسان کان وڇڙئي ٽي سال ٿي ويا آهن، پر مون لاءِ اهڙو ڪو به ڏينهن ناهي گذريو، جو کيس سڏ نه ڪيو هجيم ۽ هُو به منهنجو هر سڏ ٻڌي منهنجن خوابن ۾ هليو ايندو آهي. بابا پنهنجن پٽن جي مقابلي ۾ اسان ڌيئن کي وڌيڪ محبّت ڏني. هن اسان کي پڙهائڻ ۽ بھترين انسان بڻائڻ لاءِ ڏاڍي محنت ڪئي.اسان کي وڏي پيار ۽ پاٻوهه منجهان  پاليائين. هُواسان جي ننڍين ننڍين ڪاميابين تي خوش به ٿيندو هو ۽ انهن کي ”سيليبريٽ“ به  ڪندو هو. هن نه فقط هڪ بهترين پيءُ پر ماءُ جون به ذميواريون نڀائيون،ڇاڪاڻ ته منهنجي امان اڪثر بيمار رهندي هئي. اڄ سندس ياد ۾ اسان جا لُڙڪَ کيس پيار جي ڀيٽا پيش ڪن ٿا. هو جتي به آهي، مون کي پڪ آهي ته خوش ۽ مطمئن آهي، ڇو ته سندس روح، هر پل مون سان گڏ آهي. پر پوءِ به ديد کيس سامهون نه پسي ايئن ضرور چوي ٿي:

مون ڀانيو مون وٽ، هميشه هُوندا پرين

ويڙھو ڏيئي ويڪرو پھري ويا پٽ

ساھه جنين جي سٽ، وڪيم ٿي وڻڪار ۾

About Asghar Azad

Check Also

نصير سومرو جو نثر – يوسف سيف

Share this on WhatsAppنصير سومرو جو نثر – يوسف سيف يوسف سيف نصير سومري جو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *