Friday , March 29 2024

افغانستان ۾ طالبان جو سيڪيورٽي ايجنسي جي سينٽر تي حملو،126 سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا

ڪابل(سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) افغانستان جي صوبي وردڪ ۾ انٽيليجنس ايجنسي جي بيس تي دهشتگردن جو حملو، افغان ميڊيا موجب آپگهاتي حملي ۾ 126 اهلڪار مارجي ويا، 30 کان وڌيڪ زخمي، رپوٽس مطابق دهشتگردن ڌماڪيدار مادي سان ڀريل گاڏي انٽيليجينس اداري جي سينيٽر جي مک دروازي سان ٽڪرائي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ ڌماڪي کانپوءِ باهه به لڳي وئي. افغان طالبان جو افغانستان جي وردڪ صوبي ۾ انٽيليجنس ايجنسي جي تربيتي مرڪز تي دهشتگرد حملو، حملي ۾ 126 افغانستان سيڪيورٽي جا اهلاڪر مارجي ويا ۽ 50 کان وڌي ڦٽجي پيا آهن. هڪ پرڏيهي خابرو اداري موجب افغانستان جي اوڀرين صوبي وردڪ ۾ طالبان انٽيليجنس جي بيس تي حملو ڪيو، دهشتگردن حملي لاءِ بارود سان ڀريل گاڏي افغان انٽيليجينس جي تربيتي مرڪز جي مک دروازي سان تيز رفتاري ٽڪرائي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي کانپوءِ باهه به لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ڍ126 فوجي اهلڪار مارجي ويا، 50 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. طالبان افغان انٽليجنس جي ان بيس کي نشانو بڻايو، جتي پوليس اهلڪارن کي به تربيت ڏني پئي وئي. افغان گهرو وزارت جي ترجمان نصرت رحيمي موجب ڪار ۾ سوار آپگهاتي بمبار ملٽري بيس جي مک گيٽ آڏو گاڏي کي ڌماڪي سان اڏايو،جنهن کانپوءِ 2 حملي آورن اهلڪارن تي فائرنگ ڪري ڏني. ترجمان ٻڌايوته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 حملي آور به مارجي ويا.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *