Friday , March 29 2024

استادن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج جاري، سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا، استادن ۽ تعليم واري سيڪيريٽري ۾ جمعي تي ڳالهيون ٿينديون

ڪراچي ( رپورٽر سنڌ سماءَ چار) ڪراچي پريس ڪلب آڏو اين ٽي ايس ۽ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس استادن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ  4مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال جاري آهي، سنڌ حڪومت پاران استادن سان ڳالهين جي فيصلي بعد 29 ڊسمبر تي 3 وڳي تعليم کاتي جي سيڪريٽري ۽ استاد اڳواڻن جي وفد وچ ۾ ڳالهيون رٿيل آهن. پ ٽ الف جي سڏ تي سنڌ يونيورسٽي ۽ اين ٽي ايس پاس استادن پڪو ڪرڻ ۽ ٻين مطالبن لاءِ پريس ڪلب آڏو بک هڙتال جاري رکي. احتجاج ڪندڙ چيو ته اين ٽي ايس ۽ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ ذريعي ميرٽ تي استادن کي ڀرتي ڪيو ويو، هاڻي ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ وارو فيصلو غلط آهي. هنن چيو ته حڪومتي عملدارن خاطري ڪرائي آهي ته اڄ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ استادن جي مستقبل بابت فيصلو ڪيو ويندو. هنن چيو ته جيستائين استادن کي پڪو ڪري ٻيا مطالبا منظور نه ڪيا ويندا، تيستائين احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

ڪراچي ۾ استادن تي ٿيل تشدد خلاف ۽ سندن مطالبن جي حمايت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري

ڪراچي ۾ احتجاج دوران استادن تي تشدد واري عمل خلاف مختلف شهرن ۾ پ ٽ الف ۽ قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي استادن ۽ ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. ٽنڊو محمد خان ۾ استادن شاهنواز مهر، اشفاق سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسٽيشن روڊ کان  جلوس ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو. دولتپور ۾ مير جوکيو، آفتاب جوکيو، علي نواز انڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙن چيو ته ڪراچي ۾ پوليس پاران استادن تي تشدد وارو عمل مذمت جوڳو آهي، استادن کي جلد پڪو ڪيو وڃي هنن اعليٰ اختيارن کان گهر ڪئي ته استادن جا مطالبا منظور ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *