Wednesday , April 24 2024

اسان پنهنجو گهر ٺيڪ ڪري ڇڏيو، دهشتگردن جي ساٿاري جو الزام نه هڻو: خواجا آصف

اسلام آباد: پاڪستان آمريڪي الزام ۽ برڪس پڌرنامو رد ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردن جا ڪي به محفوظ ٺۡڪاڻا ڪونهن، اسان پنهنجو گهر ٺيڪ ڪري ڇڏيو آهي، عوام آمريڪي صدر جي بيان تي غير ضروري خوف جو شڪار نه ٿئي ۽ نه ئي سياسي قيادت جذباتي بيان ڏئي. اسلام آباد ۾ پاڪستاني سفيرن جي ٽن ڏينهن واري ڪانفرنس شروع ٿي وئي، جنهن ۾ پرڏيهي وزير خواجا آصف سفيرن کان آمريڪي پاليسي ۽ علائقائي صورتحال بابت تجويزون گهري ورتيون، ڪانفرنس ۾ آمريڪا، ڀارت، چين، سعودي عرب، روس، ايران، قطر، افغانستان، جرمني، يو اي اي ۽ ٻين ملڪن ۾ مقرر پاڪستاني سفيرن شرڪت ڪئي، ڪانفرنس ۾ عالمي ۽ علائقائي تبديلين ۽ نئين آمريڪي پاليسين تي غور ويچار ڪيو ويو، ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير خواجا آصف چيو ته پاڪستان امن پسند ملڪ آهي، اسان پاڙيسري ملڪن ۽ آمريڪا سان برابري جي بنياد تي لاڳاپا چاهيون ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردن جا ڪي به محفوظ ٺڪاڻا ناهن، اسان آمريڪا تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته افغان مسئلي جو فوجي حل ممڪن ناهي، افغانستان ۾ امن پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، عالمي برادري کي اهو تسليم ڪرڻ گهرجن. عالمي برادري سان دهشتگردي خلاف تعاون جاري رکڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردن جا ڪي به محفوظ ٺڪاڻا ڪونهن.

اسان پنهنجو گهر ٺيڪ ڪري ڇڏيو آهي، دوست ملڪن کي آزمائش ۾ نه وجهڻ گهرجي، انهن کي ٻڌائڻ گهرجي ته اسان ملڪ ۾ امن آندو آهي، هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو، ٻئي طرف بچاءُ واري وزير خرم دستگير برڪس سربراهه اجلاس جي پڌرنامي کي رد ڪندي چيو آهي ته اسان پهريان ئي چئي چڪا آهيون ته پاڪستان ۾ دهشتگردن جي ڪا به محفوظ پناهگاهه ڪونهي، اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته افغانستان ۾ 40 سيڪڙو علائقي تي افغان حڪومت جو ڪو به ڪنٽرول ناهي، جتي دهشتگردن جا محفوظ ٺڪاڻا آهن، اهي ئي خطي جي امن لاءِ خطرو آهن.هن چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان کانپوءِ پاڪستان ۾ غير ضروري خطري جون گهنٽيون وڄايون پيون وڃن، پاڪستان جو دفاع محفوظ هٿن ۾ آهي، عوام غير ضروري طور تي خوف جو شڪار نه ٿئي، نه ئي سياسي قيادت موجوده صورتحال ۾ جذباتي بيان ڏئي، هن چيو ته عالمي برادري ضرب عضب ۽ ردالفساد ۾ ٿيل ڪاررواين کي تسليم ناهي ڪيو، اسان هر صورت ۾ پنهنجي وطن جو دفاع ڪنداسين، پاڪستان جا پنهنجا ۽ آمريڪا جا پنهنجا مفاد آهن، جڏهن ته دهشتگرد تنظيم داعش جي معاملي تي پاڪستان ۽ آمريڪا هڪ پيج تي آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *