Thursday , March 28 2024

ارشاد قتل ڪيس جي جوابدار رحيم شاهه جو ڪرمنل رڪارڊ مليو آهي: ايس ايس پي اظفر مهيسر

ايس ايس پي اظفر مهيسر                جوابدار رحيم شاهه      

ڪراچي(رپورٽر  سنڌسماءَچار) ارشاد ران جهاڻي جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميٽي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، وارثن سان به رابطو، ايس ايس پي اظفر مهيسر چيو آهي ته، واقعي واري هنڌ جو معائنو ۽ ايڌي رضاڪار جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو آهي، وارثن سان رابطو ڪيو آهي اُهي سمور(اڄ) ڪراچي پهچندا انهن جا به بيان قلمبند ڪنداسين، رحيم شاهه جو به ڪرمنل رڪارڊ مليو آهي، معاملي جي اڻڌري جاچ ڪنداسين. ان سلسلي ۾ جاچ ڪميٽي جي سربراهه ڊي آءِ جي عامر فاروقي، ايس ايس پي اظفر مهيسر ۽ ايس ايس پي جاچ ڊاڪٽر فرخ ملڪ واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. جاچ ڪميٽي ۾ شامل سينئر پوليس آفيسر ايس ايس اظفر مهيسر چيو آهي ته، شاهه لطيف ٿاڻي تان رڪارڊ ۽ واقعي واري جاءِ تان هٿ آيل ثبوتن جو جائزو ورتو. ارشاد رانجهاڻي واري واقعي واري هنڌ تي واقعي جي شاهدن ۽ تفصيل ڏيڻ جا پڻ بينر هڻايا ويا آهن ۽ پمفليٽ به ورهايا آهن، جيڪا جاچ لاءِ ضروري آهي. جاچ ڪميٽي جي ٻئي ميمبر ڊاڪٽر فرخ ملڪ شاهه لطيف ٿاڻي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي ٽن ڏينهن اندر انڪوائري ڪري رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڪيو ويو آهي اسان صرف اها انڪوائري ڪنداسين ته واقعو ڪيئن پيش آيو، انهيءَ واقعي جون شاهديون گڏ ڪري رپورٽ جمع ڪرائي ويندي.

فرخ ملڪ چيو ته هن ڪيس ۾ عدالتي ڪميشن پڻ جڙي رهي آهي ڪوشش آهي ته شاف ۽ صفاف انڪوائري ڪري رپورٽ جمع ڪرايون. ارشاد رانجهاڻي جي وارثن کي اهو يقين ڏياريون ٿا ته جيئن واقعو پيش آيو آهي ان جون شاهديون ڏنيون وڃن. هن چيو ته پوليس کي يوسي چيئرمين رحيم شاهه پاران اڃا تائين لکت ۾ جواب نه مليو آهي. ارشاد رانجھاڻي جي قتل واري واقعي جي جاچ لاءِ جوڙيل جاچ ڪميٽي ارشاد جي ڀرسان پيل پسٽل سميت يوسي چيئرمين رحيم شاهه جي پسٽل جي به فرانزڪ آڊٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي اوڀر غلام اظفر مهيسر ٻڌايو ته ارشاد جي قتل واري واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون، ارشاد ۽ رحيم شاهه جو ڪرمنل رڪارڊ هٿ ڪري ان جو جائزو پڻ ورتو ويندو پر ان سان گڏوگڏ ارشاد جي ڀرسان پيل پسٽل ۽ جنهن پسٽل سان يوسي چيئرمين ارشاد کي گوليون هنيون، انهن ٻنهي پسٽلز جي فرانزڪ آڊٽ ڪرائي ويندي. هن ٻڌايو ته پسٽلز جي فرانزڪ آڊٽ سان خبر پوندي. اهي هن واقعي کان اڳ ڪهڙن ڏوهن ۾ استعمال ٿيا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *