Friday , April 19 2024

ارشاد رانجهاڻي ڪيس: ملير ۾ احتجاجي ڌرڻو، ميلربار وڪيلن جي ٽيم جوڙي ڇڏي، سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا

ڪراچي/ملير(رپورٽرز سنڌسماءَچار) قومپرست اڳواڻ ارشاد رانجهاڻي جي قتل خلاف ايس يو پي، جسقم، ايس ٽي پي ۽ سنڌي ادبي سنگت سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران ملير ۾ ڌرڻو، ڪراچي طرف ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل، ڪيس بابت ملير بار ايسوسسيئشن قانوني ڪميٽي جوڙي ڇڏي، ملير بار جي صدر رائو زاهد جو چوڻ آهي ته ملير بار ارشاد رانجهاڻي جو ڪيس مفت وڙهندي ۽ سندس وارثن کي قانوني مدد مهيا ڪندي رهندي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ملير، ٺري ميرواهه ۽ فيض گنج سميت احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري آهي. ملير بار ايسوسيئيشن جي صدر رائو زاهد اعلان ڪيو آهي ته، قومپرست اڳواڻ ارشاد رانجهاڻي جي بي رحماڻي قتل جي ملير بار سخت مذمت ڪري ٿي. هن چيو ته ملير بار ايسوسيئيش ارشاد رانجهاڻي جي وارثن کي مفت قانوني مدد مهيا ڪرڻ لاءِ قانوني ماهرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. رائو زاهد چيو ته شميم اقبال سومرو، ناصر رند ۽ شير خان جي سربراهي ۾ قائم ڪيل ڪميٽي ۾ سينئر وڪيل شامل آهين جيڪي ارشاد جو ڪيس مفت ۾ وڙهندا ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ به پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.

ٻي پاسي ارشاد رانجهاڻي جي قتل ۽ جوابدار رحيم شاهه کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف سياسي سماجي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي پاران احتجاجي مظاهرن جو به سلسلو جاري آهي. ملير ۾ ايس يو پي سميت مختلف سياسي پارٽين پاران ڀينس ڪالوني موڙ وٽ نيشنل هاءِ وي تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو ، ڌرڻي جي نتيجي ۾ ڪراچي شهر جو گلشن حديد، ٺٽو سميت ملڪ جي ٻين حصن ڏانهن ايندڙ ويندڙ مسافر توڙ مال بردار گاڏيون بيهجي ويون. فيض گنج ۾ جسقم ۽ سوسل سوسائٽي جي نمائندن طرفان عطا حسين شر، خادم شر، مصدق ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ارشاد راجهاڻي جي بيرحماڻي قتل واقعي خلاف احتجاج ڪيو ويو. ٺري ميرواهه ۾ بدرالدين شر، ياسين حيدر شر، فيضان ٻانڀڻ، راحيل ٻانڀڻ، شرجيل شر، صداقت شر، تنوير ٻانڀڻ، ممتاز سومرو، نسيم اعجاز ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن ريلي وئي. جنهن کانپوءِ ناڪه چوڪ تي مظاهرو ڪري قومپرست ڪارڪن جي قاتل کي فوري گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. دادو ۾ ايس يو پي جي سڏ تي قاضي زاهد، اعظم ترين ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾مظاهرو ڪيو ويو. هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪندڙ ڪارڪن قاتل رحيم شاهه جي گرفتاري لاءِ نعريبازي ڪري رهيا هئا.

مظاهرين چيو آهي ته ارشاد رانجهاڻي جي قتل واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي قاتل يوسي چيئرمين رحيم شاهه کي ڪيفرِ ڪردار تائين پهچايو وڃي. مٺياڻي ۾ حبيب مشوري، فياض شيخ، رياض سولنگي، وقارشيخ ۽ امداد ملڪ جي اڳواڻيءَ ۾ سياسي سماجي تنظيمن طرفان پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو. موري ۾ سنڌ نيشنل پارٽي جي سڏ تي پريس ڪلب اڳيان علامتي بُک هڙتال ڪئي وئي، جنهن ۾ ايس ٽي پي، جسقم آريسر، رانجهاڻي برادري، قومي عوامي تحريڪ، جسقم ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن توڙي اڳواڻن شرڪت ڪئي. اُن موقعي تي اعزاز رانجھاڻي، راشد سولنگي، محمود اعواڻ، خادم بالادي، شاھنواز ڀٽي، امير لغاري، اشفاق پنھور، نادر ڪورائي، الطاف بھڻ، عرفان عباسي، فھيم لانگاھ، صدام ڪلھوڙو، جاويد عالماڻي ۽ ٻين ارشاد رانجهاڻي جي قاتل رحيم شاهه کي فوري گرفتار ڪرڻ جو مطابو ڪيو. ميرو خان ۾ جسقم ۽ شهري اتحاد جي سڏ تي صوبدار جتوئي، شعبان چنو، رضوان تنيو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ مظاهرو ڪيو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *