Thursday , March 28 2024

ارشاد رانجهاڻي ڪيس:جوابدار گرفتار نه ٿيو، اڄ شام ڪارساز تي ڌرڻو

ڪراچي (رپورٽر سنڌسماءَچار) قومپرست اڳواڻ ارشاد رانجهاڻي جي قتل ۾ ملوث طاقتور جوابدار رحيم شاهه گرفتار نه ٿي سگهيو آهي، سماجي رابطن جي سائيٽس تي ڏنل احتجاج واري سڏ ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن مان ماڻهو شرڪت ڪندا، جاچ ڪميٽي جي ميمبر ايس ايس پي اظفر مهيسر چيو آهي ته، ابتدائي معلومات گڏ ڪئي آهي، ارشاد جي وارثن سان به رابطو ڪيو آهي، اُهي اڄ سومر ڏينهن ڪراچي اچي ويندا. ارشاد رانجهاڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدار ۽ يونين ڪائونسل جي چيئرمين رحيم شاهه جي گرفتاري خلاف سماجي رابطن واري ويب سائيٽس فيس بڪ، ٽويٽر ۽ واٽس ايپ ذريعي سوشل ايڪٽويسٽ مشتاق سرڪي ۽ ٻين پاران جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل تي احتجاجي ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويو آهي. اڄ 11هين فيبروري سومر ڏينهن شاهراهه فيصل تي ڪارساز شهداءَ ڪارساز وٽ احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو. احتجاجي ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ سماجي رابطن جي ويب سائيٽس تي به مهم هلائي پئي وڃي. مختلف هنڌن تان ملندڙ اطلاعن مطابق ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ مختلف شهرن مان ماڻهن جي آمد جو امڪان آهي، جن ماڻهن کي ڪارساز يادگارشهداءَ جي خبر نه آهي اُهي مختلف شهرن مان ماڻهو ڪراچي جي صحافين کان ڪري يا وري سماجي رابطن جي مختلف ويب سائيٽس تي معلومات وٺي رهيا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *