Thursday , April 25 2024

آصف زرداري جي پروڊڪشن آرڊرز جي خبر سموري ميڊيا کان اڳ ۾، سنڌسماءَچار جي روايت برقرار

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر  سنڌسماءَچار) سنڌ سماءَچار ملڪي ۽ سنڌ جي اهم سياسي معاملن تي ملڪ جي سموري ميڊيا کان اڳ شايع / جاري ڪرڻ جي روايت برقرار رکي آهي، آصف زرداري جي پروڊڪشن آرڊرز جاري ڪرڻ بابت اڱاري واري رات جو ( 18 هين ۽ 19 هين جون جي وچئين رات ) تفصيلي خبر رپورٽ شايع ڪئي وئي، آصف زرداري ۽ سعد رفيق جي پروڊڪشن آرڊرز جي جاري ٿيڻ، پ پ ۽ نون ليگ پاران محسن داوڙ ۽ علي وزير جا پروڊڪشن آرڊرز جاري ڪرڻ تي ضد نه ڪرڻ واري ڳالهه به خبر ۾ واضح ٿيل آهي. آصف زرداري ۽ سعد رفيق جا پروڊڪشن آرڊرز 19 هي ۽ 20 جون جي وچ واري رات جو ڏهين وڳين کان پوءِ قومي ميڊيا جي چئنلز تي هلي ته پروڊڪشن آرڊرز جاري ڪرڻ جو فيصلو ۽ يارهين ڌارين خبر هلي ته جاري ڪيا ويا. سنڌ سماءَچار انتهائي محدود وسيلن هوندي به پڙهندڙن جو اعتماد ۽ اهم معاملن سياسي توڙي ٻين معاملن بابت گهڻُ پهريان خبرون بريڪ ڪري پنهنجي پڙهندڙن تائين پهچائڻ جي روايت برقرار رکيون پئي اچي.

اوهان خبر اها تفصيلي رپورٽ پڙهڻ لاءِ هيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪري پڙهي سگهو ٿا

آصف زرداري جا پروڊڪشن آرڊرز جاري ڪيا وڃن”، پي ٽي آءِ جي سينئر پارليامينٽيرينز جو وزيراعظم کي مشورو”

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *