Friday , April 19 2024

آصف زرداري جو بااعتماد ۽ اڳوڻو چيف سيڪريٽري فضل الرحمان سنڌ جو نگران وڏو وزير نامزد

ڪراچي ( رپورٽر    سنڌسماءَچار) اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي(پارليامينٽيرينز) جي سربراهه آصف علي زرداري جو انتهائي اعتماد وارو شخص ۽ سنڌ جي اڳوڻي چيف سيڪريٽري فضل الرحمان کي سنڌ جو نگران وڏو وزير نامزد ڪيو ويو آهي. وڏي وزير (اڳوڻي) مراد علي شاهه ۽ اپوزيشن ليڊر (اڳوڻي) خواجا اظهار الحسن وچ ۾ خميس ڏينهن سي ايم هائوس ۾ رات دير سان ملاقات ٿي، جنهن دوران سنڌ جي نگران وڏي وزير جي لاءِ اپوزيشن ليڊر ۽ وڏي وزير وچ ۾ ڳالهيون ٿيو. ڳالهين دوران مراد علي شاهه، پ پ جا ڪجهه اڳواڻ به موجود هئا.

نامزد ڪيل نگران وڏو وزير فضل الرحمان کي سندس ويجها دوست بيورو ڪريٽ ۽ سياستدان ” لالا “به چوندا آهن. فضل الرحمان پهرين سيپٽمبر 1950 ۾ ڪراچي ۾ ڄائو. 2005 کان 2010 دوران ٻه ڀيرا سنڌ جو چيف سيڪريٽري رهيو. ان کان علاوه، ناڻي کاتي،ايڪسائيز اينڊ ٽئڪسيشن ۽ اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ (اي جي سنڌ) طور به پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. هن وقت فضل الرحمان سنڌ جي يونيورسٽيز جي وائيس چانسلرز جي مقرري بابت قائم سرچ ڪميٽي جو به ميمبر هو.

فضل الرحمان جي سنڌ جي نگران وڏي وزير طور نامزدگي جو اعلان مراد علي شاهه ۽ خواجا اظهارالحسن سي ايم هائوس ۾ ملاقات بعد ڪيو پريس ڪانفرنس دوران ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *