Friday , March 29 2024

آصف زرداري، بلاول، فريال ٽالپر، مراد علي شاهه ۽ سهيل انور سيال سميت 172 ڄڻا پرڏيهه نه ويندا

آصف زرداري، ڀلاول ڀٽو زرداري، مراد علي شاهه ۽ فريال ٽالپر جعلي اڪائونٽس ڪيس جا مک ڪردار آهن:وفاقي وزير فواد چوڌري

اسلام آباد(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻو صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏو وزير مراد علي شاهه، سهيل انور سيال سميت 172 سياستدان، واپاري ۽ بااثر شخصيتون پرڏيهه وڃي نه سگهنديون. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان سمسورن ماڻهن جا نالا اي سي ايل مان خارج ڪرڻ کان لاڳاپيل اختيارين کي منع ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سميت 20 ماڻهن جا نالا فوري اي سي ايل مان ڪڍڻ جي سفارش رد ڪئي وئي آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس سکانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ مراد علي شاهه ميگا مني لانڊرنگ جا مک ڪردار آهن.

وفاقي ڪابينا جي اجلاس بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته جي آءِ ٽي جي سفارش تي 172 نالا اي سي ايل ۾ وڌا ويا. گهرو وزارت 20 ڄڻن جا نالا فوري ڪڍڻ جي سفارش ڪئي، جيڪا وفاقي ڪابينا رد ڪري ڇڏي آهي. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته، قانون واري وزارت ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو اڃا تائين ناهي مليو، تنهنڪري سپريم ڪورٽ جو لکت ۾ فيصلو اچڻ تائين عملدرآمد روڪيو ويو آهي، عدالتي فيصلو اچڻ بعد نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ تي عملدرآمد ڪيو ويندو.

هن چيو ته هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا اي سي ايل ۾ شامل ماڻهن جي نالن جو جائزو وٺندي ۽ ڪميٽي جائزو وٺندي ته فيصلي خلاف عدالت وڃڻو آهي يا نه، ڪميٽي فروغ نسيم، شهزاد اڪبر ۽ گهرو سيڪريٽري تي ٻڌل آهي.فواد چوڌري ٻيهر تنقيد ڪندي چيو ته آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ مراد علي شاهه ميگا مني لانڊرنگ جا مک ڪردار آهن. واضح هجي ته سپريم ڪورٽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سميت ڪجهه ماڻهن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏنو هو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *