Saturday , April 20 2024

سکر ڊويزن

خيرپور ۾ رند ڳوٺ جي رهواسين جو پوليس جي آزارن خلاف احتجاج

خيرپور (رپورٽر   سنڌسماءَچار)  خيرپور جي پوليس خلاف رند ڳوٺ جي رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪيو، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته پوليس سندن ڳوٺ تي بنا جواز جي ڇاپا هڻي سندن جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي. خيرپور ۾ ڳوٺاڻن پوليس جي مبينا زيادتين ۽ نوجوان کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ خلاف پاڪ …

Read More »

ناري جي آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

نارو( رپورٽر     سنڌسماءَچار) ناري ۾ چينل 214 جي آبادگارن پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندڙن سنڌ حڪومت ۽ آبپاشي کاتي جي عملدارن خلاف نعري بازي ڪندي چيو ته بااثر پاڻي چوري ڪري رهيا آهن. آبادگارن يتيم علي شنباڻي، انور شنباڻي، محمد علي ڀنڀرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي …

Read More »

اوٻاوڙو واسي 2 نينگريون واهه ۾ ٻڏي فوت

اوٻاوڙ ( رپورٽر    سنڌ سامءَ چار) اوٻاوڙ ويجهو واهه ۾ وهنجندي 2 نينگريون ٻڏي فوت ٿي ويون، ٻن ڪلاڪن جي ڳولا بعد نينگرين جا لاش هٿ ڪيا ويا، فوتين جا لاش گهرن ۾ پهچڻ تي وارثن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو. ڳوٺ نبي بخش شر ويجهو ڏهر واهه ۾ وهنجندي …

Read More »

سيشن جج سکر پاران مختلف پارڪس جو دورو، پارڪن تان قبضا ختم ڪرڻ جي هدايت

سکر ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج مختلف پارڪن جو دورو ڪري حددخليون هٽائڻ جو حڪم ڏيندي پارڪس جي حالت بهتر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سکر امجد علي ٻوهيو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي حددخلين بابت ڊپٽي ڪمشنر سکر رحيم بخش ميتلو، …

Read More »

پ پ خيرپور جي ترجمان علي شير مڪول جي شڪي زيادتين خلاف احتجاج، پاڻ ساڙڻ جو چتاءُ

خيرپور(رپورٽر سنڌ سماءَ چار) پ پ خيرپور ضلعي جي ترجمان جي مبينا زيادتين ۽ زمينن تي قبضن خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج، ڳوٺاڻن دانهيندي چيو آهي ته، علي شير مڪول، مڪول برادري سميت علائقي جي ٻين برادرين خلاف انتقامي ڪاررواين شروع ڪري ڇڏيون آهن. ڳوٺ ميرل مڪول جي رهواسين گاجي خان …

Read More »

خورشيد شاهه جي شهر سکر ۾ 4 ورهين جو ٻارڙو گندي پاڻي جي کڏ ۾ ٻڏي فوت

سکر( رپورٽر   سنڌسماءَچار) پيپلز پارتي جي سينئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه جي شهر جي مائيڪرو ڪالوني جي ۾ 4 ورهين جو ٻارڙو گندي پاڻي جي کڏ ۾ ڪري فوت ٿي ويو، ٻارڙي جو لاش ٻن ڪلاڪن جي ڪوششن بعد ڪڍيو ويو، علائقي واسين …

Read More »

سنڌ ۾ ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ خلاف ايس يو پي پاران احتجاج جو سلسلو جاري

ٺل ( رپورٽر    سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سڏ تي احتجاجي مظاهرن جو سلسلو هلندڙ آهي، ايس يو پي جي سڏ تي ٺل ۾ پرڏيهين کي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ ۽ انهن جي آبادڪاري خلاف احتجاجي ريلي …

Read More »

ڏهرڪي ۾ ستين ڪلاس جي شاگردياڻي سان مبينا ڏاڍائي وارو مامرو

ڏهرڪي( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڏهرڪي ۾ ستين ڪلاس جي شاگردياڻي سان مبينا زيادتي واري معاملي جو الزام هيٺ آيل استاد ۽ پرنسپال خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، شاگردياڻيءَ جي طبي چڪاس بعد جزا روهڙي ليبارٽري اماڻيا ويا آهن، الزام هيٺ آيل استاد جو چوڻ آهي ته شاگردياڻي کيس خود خط …

Read More »

سول جج فيض گنج جو اڪري چودڳي ٿاڻي تي ڇاپو

فيض گنج ( رپورٽر  سنڌسماءَچار) سول جج فيض گنج اڪري چودڳي تي ڇاپو هڻي ناحق لاڪ ۾ واڙيل ٻن ڄڻن ڇڏائي وارثن جي حوالي ڪندي ايس ايڇ او کي هدايت ڪئي ته رڪارڊ سميت عدالت آڏو پيش ٿئي. سول جج معشوق علي ڏاهري اڪري چودڳي ٿاڻي تي اوچتو ڇاپو هڻي …

Read More »

بخشاپور ۾ ڪبوترن جي ميل دوران جهيڙو، باٺا لڳڻ سبب 19 ڄڻا ڦٽجي پيا

بخشاپور(رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڳوٺ ٺارو جکراڻي ۾ ڪبوترن جي ميل تان ڪبوترن جي شوقينن ۾ جهيڙي دوران لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ جي نتيجي ۾ 19 ڄڻا ڦٽجي پيا، جن کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. ڳوٺ ٺارو جکراڻي ۾ ڪبوترن جي ميل تان جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي …

Read More »