Thursday , March 28 2024

سکر ڊويزن

نوڪريون ڏيارڻ بهاني پئسه وٺندڙ آبپاشي کاتي جو عملدار گرفتار

گهوٽڪي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون وٺي ڏيڻ بهاني نوجوانن کان پئسا وٺندڙ آبپاشي عملدار پڪڙجي پيو آهي، اينٽي ڪرپشن ڪارروائي ڪندي کيس گرفتار ڪري ورتو آهي. اينٽي ڪرپشن سرڪل آفيسر جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪلارڪ تي نوڪريون ڏيارڻ بهاني ماڻهن کان لکين رپيا وٺڻ جو ڪيس داخل آهي. …

Read More »

لکي غلام شاهه جي ڪچي ۾ ڪارنهن تڪرار، 4 انساني جانيون گولين جي بک بڻجي ويون

لکي غلام شاهه( رپورٽر   سنڌسماءَچار) لکي غلام شاهه جي ڪچي واري علائقي ۾ ٻن ڌرين وچ ۾ ڪارنهن تڪرار تان جوابدارن بندوقن جا منهن کي چئن ڄڻن کي گولين جي بک بڻائي ڇڏيو آهي، پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۽ جهيڙو ختم ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي …

Read More »

ٺري ميرواهه فوڊ سينٽر ۾ ڪرپشن ڪندڙ انسپيڪٽر ۽ ٺيڪيدار کي 7 سال قيد جي سزا

سکر(رپورٽر   سنڌسماءَچار) سکر جي اينٽي ڪرپشن عدالت فوڊ سينٽر ٺري ميرواهه ۾ جي فوڊ انسپيڪٽر ۽ ٺيڪيدار جان محمد سيال تي ڪرپشن جو الزام ثابت ٿيڻ تي 7-7 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. ٻنهي ملزمن خلاف ٺري ميرواهه جي فوڊ سينٽر ۾ بارداڻي ۽ ڪڻڪ خريداري …

Read More »

خيرپور ۾ نوجوان بيروزگاري کان تنگ ٿي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو

خيرپور(رپورٽ   سنڌسماءَچار) خيرپور ۾ سب انجنيئرنگ جي نوجوان پٽ بيروزگاري کان تنگ ٿي ميرواهه ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو، نوجوان امان الله مري جو لاش خشڪ ڳوٺ ڀرسان ميرواهه ڪئنال مان هٿ ڪيو ويو آهي. خيرپور ۾ پبلڪ هيلٿ کاتي جي سب انجنيئر امان الله مري …

Read More »

فيض گنج ۾ اليڪشن ڪميشن سي سي ٽي وي آپريٽرس کي معاوضو نه ڏنو

فيض گنج (رپورٽر   سنڌسماءَچار) فيض گنج ۾ اليڪشن ڊيوٽي ڏيندڙ سي سي ٽي وي ڪئميرا آپريٽرس معاوضو نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڪئميرا آپريٽرس جي ڊيوٽي ڪندڙن حسن شر، نويد شر، ذوالفقار کنڊ، قربان چانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مختيار ڪار آفيس کان مک چوڪ پڪا چانگ تائين …

Read More »

عوام لاءِ تعليم، صحت ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪري ڏيڻ زندگي جو مقصد آهي: پي ايس 28 جو آزاد اميدوار نثار شر

ٺري ميرواهه( رپورٽر  سنڌسماءَچار) صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 28 جي آزاد اميدوار نثار احمد شر چونڊ مهم تيز ڪري ڇڏي آهي، تڪ جي مختلف ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ۽ در در وڃي مهم دوران ڳالهائيندي نثار شر چيو آهي ته، ٺري ميرواهه جي عوام لاءِ بهترين تعليم، مفت …

Read More »

هر ڀيري اليڪشن ۾ ووٽ وٺندڙ پيئڻ جو صاف پاڻي به نه ڏئي سگهيا: پي ايس 28 جو اميدوار نثار شر

ٺري ميرواهه( رپورٽر   سنڌسماءَچار) پي ايس 28 ٺري ميرواهه تي آزاد اميدوار نثار احمد شر چونڊ مهم تيز ڪري ڇڏي مختلف ڳوٺن جا دورا، نثار شر چيو آهي ته، 40 سالن کان ووٽ وٺي ايوانن ۾ ويندڙ نمائندا تڪ جي عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي به ڏئي سگهيا، صرف …

Read More »

گهوٽڪي ۾ جرڳائي وڏيرن عدالتي حڪم جون ڌڄيون اڏاري ڇڏيون، پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙو 5 سالن کان دربدر

گهوٽڪي ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) گهوٽڪي ضلعي جي ڳوٺ الله بخش پتافي واسي نوجوان ۽ ناري پاران پسند جو پرڻو ڪرڻ تي برادري نفرتن کان بچي ناهن سگهيا. الله بخش پتافي ۾ پنج سال اڳ نوجوان غلام عباس پتافي ناري خانزادي سومرو سان پسند جو پرڻو ڪيو هو، جنهن جو …

Read More »

فيض گنج ۽ تنگواڻي سميت مختلف ڳوٺن ۾ هڪ ڏينهن دوران ارڙي وگهي 6 ٻارڙا فوت

فيض گنج/تنگواڻي( رپورٽرز   سنڌ سماءَ چار) سنڌ ۾ ارڙيءَ وگهي اڄ وڌيڪ 6 ٻارڙا فوت ٿي ويا، اوٻاوڙي ۾ 3 ٻارڙن، تنگواڻي ۾ وڌيڪ ٻن ۽ فيض گنج جي ڳوٺ رحمت چانگ ۾ به هڪ ٻار دم زنفگي جي جنگ هاري ويو. سنڌ ۾ ارڙيءَ تي اڃا تائين ضابطو اچي …

Read More »

جيڪب آباد ۾ واهه جي صفائي دوران ساهه ٻوساٽجڻ سبب 12 پورهيت بيهوش

جيڪب آباد( رپورٽر   سنڌ سماءَ چار) راڄ واهه جي صفائي دوران ساهه ٻوساٽجڻ سبب 12 پورهيت بيهوش، پورهيتن کي سول اسپتال جيڪب آباد منتقل ڪيو ويو، ڊاڪٽرز پاران ٻن پورهيتن جي حالت ڳڻتي جوڳي قرار. چانڊڪا اسپتال ۾ علاج جاري. جيڪب آباد ڀرسان راڄ واهه جي صفائي دوران ساهه ٻوساٽجڻ …

Read More »