Thursday , April 25 2024

Asghar Azad

”رائو انوار پوليس سميت لاڳاپيل اختيارين کان ڳجهو ناهي وقت اچڻ تي گرفتار ٿي ويندو“:ذريعن جي دعويٰ

ڪراچي(سنڌسماءَچارنيور/  مانيٽرنگ ڊيسڪ) قتل ڪيس جو جوابدار ۽ شڪي جڙتو پوليس مقابلن جو ماهر ”اڳوڻو ايس ايس پي رائو انوار پوليس سميت ڪنهن به قانون لاڳو ڪندڙ اداري کان ڳجهو ناهي، وقت اچڻ تي کيس گرفتار ڪيو ويندو(گرفتاري ظاهر ڪئي ويندي)“ ذريعن جو چوڻ آهي ته، هن وقت تائين  پوليس …

Read More »

جماعت اسلامي جي ڪوششن سان سنڌ ۾ ترسيل غيرقانوني پرڏيهين کي قانوني حيثيت ملي وئي، سنڌ جون سياسي ۽ سڄاڻ ڌريون خاموش

ڪراچي (سنڌسماءَچار نيوز) جماعت اسلامي گذريل ڪيتري وقت کان سنڌ ۾ ترسيل غيرقانوني پرڏيهين کي قانوني حيثيت ڏيارڻ ۽ اهڙي برمين، بنگالين ۽ ٻين ملڪن جي رهواسين جن ڪنهن به طريقي سان پاڪستان جو سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرايو هو، اُهو قانوني حيثيت اختيار ڪري ويو آهي. جنهن کي نادرا رد نه …

Read More »

خانپورمهر ۾ سڱ نه ملڻ تي جوابدار ناري کي قتل ڪري ڀڄي ويو

خانپورمھر(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ)  شادي لاءِ سڱ ڏيڻ کان جواب ملڻ تي وحشي صفت همراهه نوجوان ناري کي قتل ڪرڻ بعد ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. هٿياربن ساٿين سان گڏ موٽر سائيڪل سوا جوابدار خانپور مهر جي بنگل ڪانٽي وٽ موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن فائرنگ  ڪري 17 ورھين جي ناري رابعا …

Read More »

جي ڊي اي قيادت مستقبل جي لائحه عمل جو اعلان نه ڪري سگهي،عام چونڊن ۾ پ پ جي تڏاويڙهه جي دعويٰ

نوشهروفيروز( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي قيادت؛ مورو ۾ ٿيل عوامي جلسي ۾ مستقبل جي لائحه عمل جو اعلان نه ڪيو، پير پاڳارو چيو هو ته، موري واري جلسي ۾ مستقبل جي سياسي لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويندو. جلسي کي خطاب ڪندي جي ڊي اي جي سربراهه …

Read More »

”ڄامشورو منهنجي فڪرڀومي آهي“، غريبن جي اولاد کي بهتر تعليم ڏيارڻ لاءِ ڪير نه ٿو سوچي: چيف جسٽس احمد علي شيخ

ڄامشورو( خاص نمائندو    سنڌ سماءَ چار) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ چيو آهي ته، سنڌ ۾ فنڊز جي کوٽ ناهي؛ پر اهي استعمال صحي انداز ۾ نه ٿيا ٿين، لڳي ٿو ته وڪيلن اخبارون پڙهڻ ڇڏي ڏنيون آهي، جيڪڏهن دنيا کي جنت نه ٿا بڻائي …

Read More »

عدالتن ۾ عوامي نمائندن کي مافيا ۽ چور چيو ويندو آهي، برداشت نه ڪنداسين:وزيراعظم

لاهور ( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته عدالتن ۾ عوامي نمائندن کي مافيا، چور ۽ ڌاڙيل چيو ويندو آهي، جيڪو برداشت نه ٿو ڪري سگهجي؛ سينيٽ جي چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿيڻ نه ڏني ويندي، ملڪ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ادارن کي هڪ ٻي جو احترام …

Read More »

پوليس تنگواڻي مان اغوا ٿيل نينگر کي ڌاڙيلن جي چنبي مان ڇڏائڻ ۾ ناڪام

اغوا ٿيل نينگر شفيق الرحمان بهلڪاڻي تنگواڻي( ايڊووڪيٽ حسين بخش بلوچ جي ٿورن سان) تنگواڻي جي ڪچي واري علائقي مان ڪجهه ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل نينگر شفيق الرحمان بهلڪاڻي بازياب ٿي ناهي سگهيو؛ نينگر جي گهر ۾ پريشانين ديرو ڄمائي ڇڏيو آهي. پوليس نينگر جي بازيابي لاءِ ڪک ڀڄي …

Read More »

ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس ٻن پٽن جي قتل جا جوابدار ۽ سهولتڪارن گرفتار نه ٿيا، تحريڪ جو اعلان گرفتار

حيدر آباد(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سول سوسائٽي جي اڳواڻن طرفان ميهڙ سانحي ۾  مقتولن جي وارثن سان ملاقات ڪئي ، سول سوسائٽي جي اڳواڻن طرفان مک جوابدار گرفتار نه ٿيڻ جي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.حيدرآباد جي مقامي هوٽل ۾ سول سوسائٽي جي اڳواڻن …

Read More »

سنڌ واسيو! سڀني جا قرض لهي ويا هاڻي سنڌ ۽ پاڻ لاءِ تبديلي آڻيو: علي قاضي

تبديلي پسند پارٽي جو سرواڻ علي قاضي (فائيل فوٽو) حيدرآباد( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ)  تبديلي پسند پارٽي جي سرواڻ علي قاضي چيو آهي ته هاڻي سڀ نعرا مدي خارج ٿي ويا آهن، سڀني سياسي شخصيتن جا قرض به لاهي چڪا آهيون ۽ هاڻي سنڌ امڙ جو وارو آهي، ان جو قرض …

Read More »

چڪرا ڳوٺ ۾ وحشي پيءُ نوجوان ڌيءُ کي ڇري جا وار ڪري ماري ڇڏيو

ڪراچي(رپورٽر    سنڌ سماءَ چار) ڪراچي جي علائقي چڪرا ڳوٺ ۾ ظالم پيءَ  ڇرين جا وار ڪري پنهنجي نياڻي کي قتل ڪري ڀڄي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته ٻه سال اڳ جوابدار نياڻي جي والدهه کي به شڪارپور ۾ قتل ڪيو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته ظالم پيءَ 18 …

Read More »