Friday , April 19 2024

اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جي ڪهه دير بعد ٻار جو لاش والدين کي ڏنو وڃي ٿو، اوهان صحت کي ڇڏي ڇو نه ٿا ڏيو؟چيف جسٽس جو صحت واري سيڪريٽري تي ڪاوڙ جو اظهار

ڪراچي ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب حياتيون وڃائيندڙ ٻارڙن وار معاملي جي ٻڌڻي ڪئي. ان ادوران چيف جسٽس، ميان ثاقب نثار پنهنجي رمارڪس ۾ چيو آهي ته، لاڙڪاڻي ۽ مٺي جي اسپتالن جي حالتن ۾ سڌارو اچي ئي نه ٿو، بيمار ٻار داخل ٿين ٿا ۽ ڪجهه منٽن کانپوءِ لاش والدين حوالي ڪيو وڃي ٿو. چصيف جسٽس، صحت واري سيڪريٽري فضل الله پيچوهو کي مخاطب ٿتيندي چيو ته، اوپپوهان صحت کاتي کي ڇڏي ڪنهن ٻئي کاتي ۾ ڇو نه ٿا هليا وڃون.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار ٿر ۾ 4 ٻارڙن جي فوت ٿيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران سيڪريٽري صحت جي پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي. صحت جي سيڪريٽري رپورٽ پيش ڪندي چيو ته ٿر ۾ گهٽ وزن، ننڍي عمر ۾ شادين ۽ وڌيڪ ٻار پيدا ٿيڻ ڪري ٻارڙا فوت ٿين ٿا، عدالت رپورٽ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ٿر ۾ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ته سيڪريٽري صحت فضل الله پيچوهو رپورٽ پيش ڪئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 50 سيڪڙو ٻار دستن ۽ نمونيا سبب فوت ٿين ٿا، جڏهن ته گهٽ وزن، ننڍي عمر ۾ شادين ۽ وڌيڪ ٻار پيدا ٿيڻ ڪري ٻارڙا فوت ٿين ٿا.سيڪريٽري صحت چيو ته ڊاڪٽرز به انهن علائقن ۾ وڃِي ملازمت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. چيف جسٽس چيو ته رپورٽ مان لڳي ٿو اوهان جو ڪو ڏوهه ئي ناهي، رڳو اهو لکي جند ڇڏايو ٿا ته گهٽ وزن سبب ٻار مرن ٿا، سنڌ جي اسپتالن ۾ وڏا مسئلا آهن. چيف جسٽس چيو ته جيڪو ٻار اسپتال ۾ داخل ٿئي ٿو، ان جو ڪجهه دير ۾ لاش وارثن حوالي ڪيو وڃي ٿو، انهن والدين وٽ لڙڪ لاڙڻ کانسواءِ ڪوبه رستو نٿو بچي.

چيف جسٽس، سيڪريٽري صحت کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان ڪنهن ٻئي کاتي ۾ وڃي خدمت ڇو نه ٿا ڪريو.ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته مٺي ۾ بهترين اسپتال ٺاهي آهي، اتي غريبن ۾ مفت ڪڻڪ ورهائي پئي وڃي. جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته سڄي خبر آهي ته ڪيتري ڪڻڪ ورهائي وئي، سموري ڪڻڪ ڪرپشن جي ورچڙهي وئي.چيف جسٽس چيو ته  لاڙڪاڻي جي اسپتالن جو حشر ڏسو ته شرم ٿو اچي، هڪ وڊيو ڏٺي، جنهن تي ڏک ٿيو. چيف جسٽس عدالت ۾ موجود اڳوڻي سينيٽ چيئرمين رضا رباني کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان به اها وڊيو ڏسو ۽ اسان جي مدد ڪريو. چيف جسٽس چيو ته سوچيان پيو ته لاڙڪاڻي وڃي اسپتال جو دورو ڪريان. سپريم ڪورٽ شرجيل ميمڻ جي ميڊيڪل رپورٽ بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس اڪلائي ڇڏيو، عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ کي شرجيل ميمڻ جي صحت بابت ميڊيڪل بورڊ جي رپورٽ جو جائزو وٺي علاج جو فيصلو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ ڪراچي رجسٽري ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ نئين جوڙيل ميڊيڪل بورڊ رپورٽ جمع ڪرائي.رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته شرجيل ميمڻ جي ميڊيڪل رپورٽس ۾ تضاد آهن، پر معائني کان اڳ ڪا راءِ قائم نه ٿي ڪري سگهجي عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ کي ميڊيڪل رپورٽس جو جائزو وٺي شرجيل ميمڻ جي علاج بابت فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *