Thursday , April 18 2024

پارليامينٽ بمقابلا عدليه! هاڻي پارليامينٽيرينز به پارليامينٽ اندر ڪنڌ جهڪائي داخل ٿيندا

اسلام آباد( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) گذريل ڪجهه عرصي کان حڪمران جماعت نون ليگ ۽ عدليه وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ ۽ قومي اسيمبلي جي گذريل اجلاس دوران وزيراعظم جي جي تقرير کانپوءِ معاملو عجيب صورتحال اختيار ڪري ويو آهي. ان سلسلي ۾ اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس سدوران، اسپيڪر سردار اياز صادق پارليامينٽ جي بزنس رولز ۾ تبديل ڪري ڇڏي آهي. هاڻي جيڪو به پارليامينٽيرين ايوان اندر داخل ٿيندو اُهو سيني تي هٿ رکي جهڪي سلام ڪري پوءِ ايوان ۾ ايندو. بلڪل اهڙي طريقي سان جيئن ڪنهن به عدالت اندر وڪيلن ۽ سائلن سميت ڪو به ماڻهو عدالتي ڪمري اندر داخل ٿيڻ وقت ڪنڌ جهڪائي سلام ڪرڻ واري انداز سان ايندو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق اسيمبلي ۾ اچڻ دوران ميمبر کي ڪنڌ نه نِوائڻ بابت رولز جي منظوري ڏئي ڇڏي، ميمبر ايوان  ۾ داخل ٿي رڳو سيني تي هٿ رکي سلام ڪندا، قومي اسيمبلي ري اسٽرڪچرنگ آف هيلٿ سروسز اڪيڊمي بل 2018 منظور ڪري ورتو آهي.  قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياق صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو.  اسپيڪر اياز صادق اسيمبلي ۾ اچڻ تي ميمبر کي ڪنڌ نه نِوائڻ بابت رولز جي منظوري ڏئي ڇڏي ۽ ايوان ۾ داخل ٿيڻ وقت سرجهڪائڻ جي روايت به ختم ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته ڪو به ميمبر هاڻ اسپيڪر کي ڏسي ڪنڌ جهڪائڻ بدران دل تي هٿ رکندو ته مان سمجهندس ته مان اوهان جي دل ۾ آهيان.

اجلاس ۾ پيپلزپارٽي جي اڳواڻ شازيه مري چيو ته رائو انوار جيڪڏهن نقيب الله ڪيس ۾ ملوث آهي ته ان کي سزا ملڻ گهرجي، جيڪڏهن هن ماضي ۾ به بهادري ڏيکاري آهي ته اهو ماضي جو قصو آهي. هن چيو ته رائو انوار جو نالو سنڌ حڪومت اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي، جيڪڏهن ايم ڪيو ايم اندر مسئلا آهن ته ان سان اسان جو ڪو به تعلق نه آهي. شازيه مري چيو ته اڳوڻي صدر به رائو انوار کي بهادر ان ڪري چيو جو هن دهشتگردي خلاف جنگ ڪئي، جنهن جي ترديد فرحت الله بابر به ڪئي. ايم ڪيو ايم ميمبر شيخ صلاح الدين چيو ته سينيٽ اليڪشن کان اڳ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو ڳڻتي جوڳو آهي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان تي ڏکيو وقت آهي، اسان جي ميمبرن سان رابطو ڪيو پيو وڃي.شيخ صلاح الدين چيو ته سينيٽ چيئرمين کي درخواست ڪريان ٿو ته سينيٽ اليڪشن لاءِ هارس ٽريڊنگ ۾ مداخلت ڪري. ايم ڪيو ايم ميمبر چيو ته فلور ڪراسنگ جي حوالي سان قانون تي عملدرآمد نه پيو ڪيو وڃي، رائوانوار بابت ٻڌايو پيو وڃي ته هو پيپلزپارٽي جو لاڏلو آهي.

اجلاس دوران مملڪتي وزير سائره افضل تارڙ ري اسڪٽرڪچرنگ آف هيلٿ سروسز اڪيڊمي بل 2018 ۾ پيش ڪيو جنهن جي منظوري ڏني وئي. بل لاڳاپيل ڪميٽي پاران اتفاق راءِ سان منظور ڪرڻ بعد قومي اسيمبلي موڪليو ويو هو، جنهن جي منظوري ڏني وئي.  اجلاس دوران تحريڪ انصاف جي ميمبر شيرين مزاري طرفان ايوان ۾ پاڪستاني فوج جا دستا سعودي عرب موڪلڻ بابت ايوان کي آگاهه ڪيو. شيرين مزاري چيو ته بچاءُ وارو وزير نه پيو ٻڌائي ته اسان جي فوج سعودي عرب ڇو وئي آهي.شيرين مزاري چيو ته مون کي خدشو آهي ته اسان جي فوج يمن ۾ وڙهي رهي آهي، پارليامينٽ سعودي عرب فوج موڪلڻ جي مخالفت ڪئي هئي، ٻڌايو وڃي ته سعودي عرب ۾ پاڪ فوج ڪٿي مقرر ڪئي ويندي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته 2 مارچ تي قومي اسيمبلي جو اجلاس سڏايو آهي، بچاءُ وارو وزير خرم دستگير بريفنگ ڏيندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *