Thursday , April 25 2024

سنڌ سرڪار اڻ سڌي طرح ” بهتر تعليم ڏيڻ اسان کان زور آهي“ جي پاليسي تي زروائتو ڪم شورع ڪري ڇڏيو

ڪراچي(رپورٽر سنڌ سماءَ چار) پيپلز پارٽي جي حڪومت پنهنجي صوبائي حڪمراني جي ساڍا 9 سالن جي حڪمراني دوران تعليمي نظام کي بهتر ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. سنڌ سرڪار جي ئي هڪ رپورٽ مطابق گذريل هڪ سال دوران ڏيڍ لک کان وڌيڪ تعداد ۾ ٻار سرڪاري اسڪولن ۾ داخل نه ٿي سگهيا. لڳ ڀڳ 20 هزار اسڪول اڻ سڌي طرح ناڪامي جو اعتراف ڪري ڇڏيو سنڌ حڪومت.

سنڌ سرڪار ”ارلي چائلڊ هوڊ پاليسي“ کي هٿي وٺرائڻ تي ڏينهن رات هڪ ڪري تعليمي ادارا خانگي شعبي جي حوالي ڪرڻ تي عمل تيز ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ حڪوم ان سلسلي ۾ ”ارلي چائلڊ هوڊ پاليسي“ آخري شڪل ڏني وئي آهي. سنڌ سرڪار پاران سنڌ جي ٻارن  کي سڌي ريت پاڻ تعليم تعليم مهيا ڪرڻ زري گهٽ نابري واريندي ”ارلي چائلڊ هوڊ پاليسي“ منصوبي مطابق  تعليم کاتي جي انتظامن هيٺ هلندڙ 200 اسڪول خانگي ادارن / مئنيجمنٽ جي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.

ان سلسلي ۾ آصف زرداري جي انتهائي بااعتماد اڳواڻ ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته صوبي جي پٺتي پيل طبقن جي گهرجن کي پورو ڪرڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي. تعليم، هنر ۽ خوراڪ جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو. مراد علي شاهه اهڙو اظهار وزيراعليٰ هائوس ۾ ورلڊ بئنڪ جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾  18-2014ع ۾ شروع ڪيل سنڌ ايجوڪيشن ريفارمز پروگرام ۽ نتيجن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وڏي وزير چيو ته هُو اسڪولن ۾ داخلا ۾ واڌ لاءِ رٿابندي ڪري رهيا آهيون . ان مقصد لاءِ 4650 اسڪولن جي چونڊ ڪئي وئي آهي، جن جي انفرااسٽرڪچر کي يقيني بڻايو ويندو جيئن  اسڪولن ۾ شاگردن کي بهتر ماحول مهيا ٿي سگهي. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته سمورن پوسٽ پرائمري اسڪولن کي سائنس ليب ۽ آءِ سي ٽي ليب فراهم ڪيون وڃن ته جيئن شاگردن کي سکڻ جا بهتر موقعا ملي سگهن. وڏي وزير جو چوڻ هو ورلڊ بينڪ جا تعليم ۽ اسڪلز واري شعبي ۾ مالي ۽ فني سهڪار تي سندن ٿورائتا آهيون ۽ ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان ارلي چائلڊ هوڊ تعليم کي حتمي شڪل ڏئي رهيا آهيون. سنڌ نيوٽريشن پروگرام تحت مائرن ۽ ٻارن ۾ خوراڪ جي کوٽ کي بهتر بڻائي رهيا آهيون.

مراد علي شاهه چيو ته تعليم جي شعبي ۾ سنڌ حڪومت ”ارلي چائلڊ هووڊ“ پاليسي کي حتمي شڪل ڏني آهي، هن وقت 14 اسڪولن کي آئوٽ سورس ڪيو ويو آهي ۽ انهن کي پارٽنر هلائي رهيا آهن. صوبائي حڪومت تدريسي ۽ غير تدريسي عملي جون پگهارون، اسن کان علاوه سمورا خرچ پکا، بجلي جا بل ۽ سارسنڀال جا خرچ برداشت ڪندي آهي. هن چيو ته 200 وڌيڪ اسڪولن کي پرائيوٽ مئنيجمنٽ تحت ڏنو ويندو. ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر سنڌ سرڪار جي تعليم لاءِ کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي پنهنجي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو.وڏي وزير سان ملاقات ڪندڙ ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽري پيچاموٿا الانگوان جي اڳواڻي ۾؛ سينئر ڊائريڪٽر ڊاڪٽر جيمي سيودرا، پريڪٽس مئنيجر ايجوڪيشن ڏکڻ ايشيا مس ڪيڪوميوا، پروگرام ليڊر هيومن ڊولپمنيٽ مس ڪرسٽينا پاناسڪو سانٽوس ليڊ ايجوڪيشن اڪنامسٽ ڏکڻ ايشيا مس تازين فصيح، مس عمبرين عارف، سينئر ايجوڪيشن اسپيشلسٽ شناسڪو نومُرا، تحقيقي تجزيانگار مس مارسيلا گٽيرز، ڪميونيڪيشن اسپيشلسٽ ماهين سعيد شامل هئا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *