Thursday , April 25 2024

ججز۽ انهن جي ٻارڙن کي ڌمڪيون؛ ن ليگ اڳواڻ نهال هاشمي کي توهين عدالت ڪرڻ تي هڪ سال قيد جي سزا

اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ن ليگ جي سينيٽر(اڳوڻي) نهال هاشمي کي توهين عدالت ڪيس ۾ هڪ سال جي قيد جي سزا، 50 هزار ۽ 5 سالن لاءِ نااهلي جي سزا ٻڌائي ڏئي ڇڏي آهي. پوليس نهال هاشمي کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي. لڳ ڀڳ هڪ سال اڳ هڪ تقريب دوران پنهنجي تقرير ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر (اڳوڻي) نهال هاشمي هڪ تقريب دوران پنهنجي تقرير دوران، سپريم ڪورٽ جي ججز خلاف انتهائي سخت (توهين عدالت جا جملا) ڳالهايا هئا. نهال هاشمي پنهنجي تقرير ۾، ججز ۽ انهن جي ٻارن کي به سخت نتيجا ڀوڳڻ جي  ڳالهه ڪئي هئي. نهال هاشمي تقرير ۾ ججز کي مخاطب ٿيندي چيو هو ته، ” نه رڳو اوهان جو پر اوهان جي ٻچن جو به جيئڻ ججنال بڻايو ويندو“ اهڙي جملي کانسواءِ به ڪيترائي سخت جملا ڳالهايا هئا؛ جنهن جو سپريم ڪورٽ نوٽيس ورتو هو. جنهن جون ڪيتريون ئي ٻڌڻيون ٿيون. سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ مان ٻن ججز نهال هاشمي کي سزا ۽ هڪ جج ان تي نوٽ ناهي لکيو، جنهن سان ٻه هڪ جي بنياد تي نهال هاشمي کي سزا ڏني وئي آهي.

سپريم ڪورٽ پاران نهال هاشمي کي سزا وارو فيصلو ٻڌائڻ کان فوري طور تي پوءِ اسلام آباد پوليس کيس تحويل ۾ وٺي بعد ۾ گرفتار ڪري ورتو. پوليس نهال هاشمي کي سيڪريٽريٽ پوليس اسٽيشن اسلام آباد منتقل ڪيو. پوليس سيڪريٽريٽ ٿاڻي تي ضروري قانوني ڪارروائي کانپوءِ نهال هاشمي کي اڊيالا جيل منتقل ڪندي. اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي ته، قانوني  گهرجون مڪمل ڪري نهال هاشمي کي جيل منتقل ڪيو ويندو. ان لاءِ اڊيالا جيل ۾ به تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

نهال هاشمي پنهنجي خلاف توهين عدالت واري ڪيس جي ٻڌڻين دوران هڪ موقعي تي سپريم ڪورٽ ۾ لکت درخاست جمع ڪرائيندي پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪيو هو. نهال هاشمي غلطي جو اعتراف ڪندي توهين عدالت واري معاملي تي سپريم ڪورٽ کان غير مشروط معافي گهري هئي ۽ پنهنجو پاڻ کي عدالت جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو هو. نهال هاشمي جو ان درخواست ۽ بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته، سندس تقرير جو مقصد ڄاڻي واڻي عدالت جي توهين يا ججز ۽ سندن اولاد کي ڌمڪيون ڏيڻ نه هو پر جذبات ۾ اچي کائنس اهڙا سخت جملا نڪري/چئجي ويا هئا. جنهن تي هُو پشيمان آهي..

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *