Thursday , April 25 2024

سينيٽ جون چونڊون 3 مارچ 2018 تي ٿينديون

اسلام آباد ( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) اليڪشين ڪميشن آاف پاڪستان ملڪ ۾ سينيٽ جي ايندڙ چونڊن جو شيڊيول پڌرو ڪري ڪندي چيو آهي ته، سينيٽ چونڊن لاءِ پولنگ 3 مارچ تي ٿينديون ۽ چارئي صوبائي اسيمبليون پولنگ اسٽيشن هونديون. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان موجب سينيٽ چونڊن لاءِ پولنگ 3 مارچ تي ٿيندي. سينيٽ جي چونڊن لاءِ نامزدگي فارم 4 فيبروري کان 6 فيبروري تائين وٺي ۽ جمع ڪرائي سگهبا، ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ نائين فيبروري تائين مڪمل ڪئي ويندي.

اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل سينيٽ جي چونڊدن واري شيڊيول ۾ سينيٽ جي خالي ٿيندڙ ۽ انهن تي چونڊن جا تفصيل به جاري ڪيا ويا آهن. جن مطابق سنڌ ۽ پنجاب مان 12، 12 سينيٽرز، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان مان 11، 11 سينيٽرز جي چونڊ ڪئي ويندي. اسلام آباد ۾ هڪ جنرل ۽ هڪ ٽيڪنوڪريٽ جي سيٽ تي چونڊ ٿيندي جڏهن ته سنڌ ۽ پنجاب مان 7 جنرل، 2 ٽيڪنوڪريٽس، 2 عورتون ۽ هڪ اقليتي ميمبر جي چونڊ ٿيندي. اليڪشن ڪميشن موجب فاٽا مان 4 سيٽن تي چونڊ ٿيندي ۽ چار ئي جنرل سيٽون آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *