Wednesday , April 17 2024

ڊاڪٽر شاهد مسعود جا انڪشاف؛ سپريم ڪورٽ بشير ميمڻ جي سربراهي ۾ جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي

لاهور ( سنڌ سماءَ چار نيوز) سپريم ڪورٽ اينڪر شاهد مسعود جي انڪشافن جي جاچ لاءِ بشير ميمڻ جي سربراهي ۾ جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي آهي. جي چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار؛ چيو آهي ته، شاهد مسعود تمام وڏي دعويٰ ڪئي آهي، جنهن سان سڄي قوم ۾ پريشاني پيدا ٿي، هاڻي ان سڄي معاملي جا ثبوت پيش ڪرڻ ان جو ئي ڪم آهي. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ قصور جي نياڻي زينب قتل ڪيس ۾ عالمي گينگ جي ملوث هجڻ ۽ جوابدار عمران جاي بئنڪ اڪائونٽس بابت خبر جي پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي جي موقعي تي عدالتي نوٽيسز مطابق، سينئر صحافين ۽ اينڪرز، مجيد نظامي، حامد مير سميت سمورين ٽي وي چئنلز جا ناميارا اينڪرز پيش ٿيا.

ٻڌڻي جي موقعي تي ڊاڪٽر شاهد مسعود به پيش ٿيو. چيف جسٽس، ميان ثاقب نثار ، اينڪر شاهد مسعود کي مخاطب ٿيندي چيو ته، اوهان جي خبر ڏسڻ ۽ ٻڌڻ کان پوءِ اسان کي تمام گهڻي پريشاني ٿي، ته ڇا واقعي زينب ڪيس ۾ ايڏي وڏي گينگ ملوث آهي. جوابدار عمران جي  کان وڌيڪ بئنڪ کاتن جو انڪشاف ڪيو ويو. چيف جسٽس چيو ته؛ جوابدار عمران جي بئنڪ کاتن بابت رپورٽس ۾ چيو ويو آهي ته هُن جا ڪي به کاتا ناهن. هاڻي هاڻي ان سڄي معاملي جا ثبوت اوهان/شاهد مسعود کي ئي پيش ڪرڻا آهن. ان موقعي تي سينئر صحافي ۽ اينڪر پرسن حامد مير چيو ته شاهد مسعود وٽ معافي جو به آپشن موجود آهي. جنهن تي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته، معافي واري آپشن صرف اڄ /ٻڌڻي وقت تائين موجود آهي ۽ ان کانپوءِ شاهد مسعود کي ثبوت پيش ڪرڻا پوناد. چيف جسٽس چيو ته، شاهد مسعود جو نالو اي سي ايل ۾ به شامل ڪري سگهجي ٿو، جيڪڏهن ثبوت پيش نه ٿيا ته اهڙو فيصلو ڪنداسين جيڪو يادگار رهندو.

ان موقعي تي سپريم ڪورٽ فيڊرل انويسٽيگيشن اٿارٽي / ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر جنرل بشير ميمڻ جي سربراهي ۾ جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم/ جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي. جيڪا شاهد مسعود جي انڪشافن جي جاچ ڪندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *