Thursday , April 25 2024

رائو انوار کي ڪراچي کان ٻاهر نه وڃڻ جي هدايت،رائو آءِ جي آفيس ۾ رپورٽ به نه ڪئي

معطل ايس ايس پي رائو انوار – اي ڊي آءِ جي ثناءُالله عباسي

ڪراچي(سنڌسماءَچار نيوز) ملير ۾ ۾ شڪي پوليس مقابلي واري ڪيس جي مک ڪردار معطل ايس ايس پي رائو انواز کي ڪراچي کان ٻاهر نه وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته، معطل ايس ايس پي رائو انوار جلد حراست ۾ ورتو ويندو. سنڌ سماءَچار کي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته، ملير جي معطل ايس ايس رائو انوار کي ڪراچي کان ٻاهر نه وڃڻ  جي سختي سان هدايت ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته رائو انوار کي جلد حراست ۾ ورتو ويندو، ايستائين کيس پابند بڻايو ويو آهي ته هُو ڪراچي کان ٻاهر نه وڃي.

نقيب الله محسود جي شڪي مقابلي ۾ مارجڻ بعد معاملو ميڊيا تي اچڻ ۽ جڙتو مقابلي هجڻ واري معاملي بعد آءِ جي سنڌ جي هدايتن تي ثناءُ الله عباسي جي سربراهي ۾ جوڙيل جاچ ڪميٽي رائو انوار کي معطل ڪري کيس گرفتقار ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي. جنهن بعد رائو انواز کي معطل ڪري آءِ جي آفيس رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته رائو انواز اڃا تائين آءِ جي آفيس رپورٽ به ناهي ڪئي.

سنڌسماءَچار جي ذريعن اها به دعويءِ ڪئي آهي ته رائو انوار کي بچائڻ لاءِ  اڳوڻي صدر آصف زرداري سميت اهم شخصيتون سرگرم ٿي ويون آهن. جن رائو انوار کي بچائڻ لاءِ مختلف ذريعا استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته رائو انوار کي جلد حراست ۾ ورتو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *