Tuesday , April 23 2024

سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ کليل ۽ ڊٻن ۾ پيڪنگ واري کير بابت نوٽيس وٺي ڇڏيو،رپورٽ طلب

اسلام آباد( خاص عيوضي    سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ به کُليل کير ۽ ڊٻن ۾ پيڪ ٿيل کير جي معيار ۽ پيداوار بابت پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار سنڌ ۾ وڪرو ٿيندڙ کليل کير ۽ مختلف ڪمپنين پاران ڊٻن ۾ پيڪ ڪري وڪرو ٿيڻ واري کير جي معيار ۽ پيداوار بابت پاڻمرادو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي 13 هين جنوري ڇنڇر ڏهاڙي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ مقرر ڪئي وئي آهي.

ان کان اڳ سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب ۾ خراب کير وڪرو ٿيڻ واري معاملي  جو ڪيس هلندڙ آهي، سپريم ڪورٽ کير ڏيارڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ انجيڪشن/سُئي/ٽيڪي تي پنجاب ۾ پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *