Thursday , April 25 2024

ڪنب شهر۾ ڪلينڪ تي حملو،عورت سميت 3 ڄڻا زخمي، ايس ايس پي خيرپور خاموش، آءِ جي چَپَ نه چوريا

خيرپور ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) خيرپور ضلعي جي ڪنب شهر ۾ نيورو سرجن ( دماغي مرضن جي ماهر) ڊاڪٽر جي ڪلينڪ تي تر جي بااثر جوابدارن جو ڪلينڪ تي حملو، هڪ عورت سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، حملي ۾ هڪ ڄڻي جو ڪن به ضايع ٿي ويو، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور چپ جو روزو رکي ڇڏيو آحي، ڪجهه ڏين هن اڳ حقن لاءِ پرامن احتجاج ڪندڙ آبادگارن تي دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪرائي لاڪ اپ ۾ واڙيو ويو هو.

   

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا ۽ ايس ايس پي خيرپور شبير سيٺار

سومر واري ڏينهن منجهند ڌاري ڪوٽڏيجي تعلقي جي پ پ سان واسطو رکندڙ بااثر جوابدارن نيورو سرجن ڊاڪٽر ذوالفقار منگي جي ڪلينڪ ۾ داخل ٿي حملو ڪيو. حملي ۾ ڊاڪٽر جي امڙ سميت 3 ڄڻا رتو رت ٿي پيا. جن مان ڊاڪٽر جي ننڍي ڀاءُ جو ڪن به ڪپجي ويو. ڊاڪٽر شهر ۾ مدد لاءِ پڪاريندو رهيو پر ڪير به سندس مدد لاءِ نه پهتو. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر ذوالفقار منگي جو ڏوهه اهو آهي ته، علائقي جي صوبائي حڪومت سان واسطو رکندڙ ڍهڪ انتهائي بااثر شخصيت پنهنجي اوطاق تي سڏايو    ۽ ڊاڪٽر جي جواب تي کيس سيکت ڏياري وئي آهي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته جوابدار بااثر وساڻ برادري سان واسطو رکن ٿا ۽ انهن کي صوبائي وزير منظور حسين وساڻ جا خاص ماڻهو سمجهيا وڃن ٿا.

حقن لاءِ پرامن احتجاج ڪندڙ آبادگار حسام الدين راشدي جنهن تي دهشتگردي جو ڪيس داخل ٿيو

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته واقعي جي وڊيو منظر تي اچڻ ۽ سوشل ميڊيا تي به وائرل ٿيڻ کانپوءِ ميڊيا جي ادارن ۾ به خبرون هليون آهن. پر اڃا تائين معاملي جو آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا ۽ ايس ايس پي خيرپور شبير سيٺار ڪو به نوٽيس ناهي ورتو.

ساڳئي ضلعي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ پيپلز پارٽي جي هڪ اهم شخصيت جي ويجهي دوست جي خيرپور شگرملز آڏو آبادگارن پاران حقن لاءِ احتجاج ڪرڻ تي خيرپور پوليس مٿن تشدد ڪيو ۽ 60 ورهين کان وڌيڪ عمر جي هڪ آبادگار حسام الدين راشدي سميت ٻين آبادگارن تي دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويا. پر ايس ايس پي خيرپور به ان معاملي جو ڪو نوٽيس نه ورتو ۽ نه ئي وري آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا خاموشي جو روزو کوليو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *