Friday , April 19 2024

سنڌ حڪومت آءِ جي سنڌ کي هٽائاڻ لاءِ ٻيهر سرگرم

ڪراچي (رپورٽر    سنڌسماءَچار) سنڌ سرڪار هڪ ڀيرو ٻيهر آءِ جي سنڌ الههڏنو خواجه کي هٽائڻ لاءِ سرگرم ٿي وئي، جنهن لاءِ  وفاقي سرڪار کي خط لکي نئي آءِ جي لاءِ 3 نالا به تجويز ڪيا ويا آهن. ن ليگ جي وفاقي سرڪار اي ڊي خواجه کي 22 هين گريڊ ۾ ترقي نه ڏئي پ پ جي سنڌ حڪومت جي آءِ جي تبديل ڪرڻ واري موقف کي مضبوط ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ سرڪار اي ڊي خواجا کي هٽائي صوبي ۾ نئون آءِ جي مقرر ڪرڻ لاءِ وفاق کي خط لکي ڇڏيو، سردار عبدالمجيد دستي، غلام قادر ٿيٻو ۽ ڊاڪٽر ڪليم امام جا نالا تجويز، سنڌ حڪومت طرفان وفاقي حڪومت جي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي لکيل خط جي ڪاپي روزاني سوڀ کي ملي آهي، انهي خط ۾ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي سنڌ ڪابينا اجلاس جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته سنڌ ڪابينا اجلاس ۾ تفصيلي جائزي کانپوءِ موجوده آءِ جي سنڌ پوليس اي ڊي خواجا کي هٽائڻ جي منظوري ڏني آهي. سنڌ حڪومت پاران  موڪليل خط ۾ نئون آءِ جي مقرر ڪرڻ لاءِ 3 نالا تجويز ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ پهرين نمبر تي سردار عبدالمجيد دستي ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ان کان علاوه ايڊيشنل آءِ جي ٽريفڪ پوليس غلام قادر ٿيٻو ۽ آءِ جي موٽر وي پوليس اسلام آباد ڊاڪٽر ڪليم امام جا نالا ڏنا ويا آهن. اسٽبلشمينٽ ڊويزن کي انهن ٽنهي نالن مان ڪنهن به هڪ کي آءِ جي سنڌ پوليس مقرر ڪرڻ جو چيو ويو آهي. انهي خط ۾ سردار عبدالمجيد دستي جي نالي کي ترجيح ڏيندي چيو ويو آهي ته سردار عبدالمجيد دستي سنڌ پوليس ۾ 22هين گريڊ جو آفيسر آهي، آءِ جي سنڌ پوليس جي عهدي لاءِ جيڪو ميرٽ ۽ معيار تي پورو لهي ٿو. ياد رهي ته سنڌ حڪومت ان کان اڳ به آءِ جي اي ڊي خواجا کي هٽائڻ لاءِ وفاق کي خط لکي چڪي، جنهن کي وفاقي حڪومت رد ڪري ڇڏيو هو، هاڻي وري نئون خط لکيو ويو آهي.

ڊسمبر 2017 ۾ وزيراعظم جي منظوري سان پوليس ڪيڊر سميت ٻين کاتن جي آفيسرز کي 21 هين مان 22 هين گريڊ ۾ ترقيون ڏنيون ويون هيون، جنهن ۾ پوليس سروسز ۾ سنڌ مان صرف بشير ميمڻ کي 22 هين گريڊ ۾ ترقي ڏني وئي هئي. موجوده آءِ جي اي ڊي خواجا کي 22 هين گريڊ ۾ ترقي نه ڏئي نه ليگ جي حڪومت پاران پ پ پ جي سنڌ حڪومت لاءِ آءِ جي سنڌ جي تبديلي لاءِ ڪنهن حد تائين رستو صاف ڪري ڇڏيو هو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *