Saturday , April 20 2024

گمبٽ ۾ آبادگار پنجين ڏينهن به ڌرڻي تي ويٺل، زراعت واري وزير جي ڪن تي جونءَ به نه چُري

راڻيپور( رپورٽر سنڌسماءَچار) گمبٽ ۾ قومي شاهراهه تي آبادگارن جو ڌرڻو پنجين ڏينهن به جاري آهي، سخت سيءَ ۾ ڌرڻي تي ويٺل آبادگارن ڊي سي خيرپور سان ڳالهين کان ٺِپُ جواب ڏيندي چيو آهي ته هاڻي ڳالهين جو وقت گذري ويو آهي، مطالبو منظرو ڪيو ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو. گمبٽ ۾ 4 ڏينهن کان آبادگارن جو ڌرڻو پنجين به جاري آهي، ڌرڻي ۾ حيدرآباد سيد محمود نواز شاهه جي اڳواڻي ۾ سنڌ آبادگار ايسوسي ايشن جا اڳواڻ ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيا، جيڪي ڪيترن ئيڪلاڪن تائين آبادگارن سان گڏ ڌرڻي ۾ ويٺا.

ڌرڻي ۾ ويٺل آبادگارن پاران گذريل سال جي رهتن ۽ ڪٽوتين جي ادائگين تي اتفاق نه ٿيڻ تي ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويوآهي. آبادگار اڳواڻ محمد نواز شاهه، اسلم مري ۽ عمران بوزدار ڌرڻي واري هنڌ پهتا. ڳالهين جي ٻه ڀيرا بي نتيجي ثابت ٿيڻ بعد ضلعي انتظاميا پاران خيرپور ۽ راڻيپور شگر ملز جي ذميوارن کي به ڳالهين ۾ شامل ڪيو ويو. ايس ڊي ايم آفس گمبٽ ۾ آبادگارن، ڊپٽي ڪمشنر، اسسٽنٽ ڪمشنر، ايس ايس پي خيرپور ۽ شگرملز انتظاميا وچ ۾ ڳالهين جي نتيجي ۾ اڄ کان وٺي شگر ملون هلائڻ، هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب اگهه ڏيڻ ۽ مڊل مين جو ڪردار ختم ڪرڻ سميت 15 ڏينهن ۾ سڌو سنئون آبادگارن کي ادائگين تي اتفاق ڪيو ويو. آبادگارن جي گذريل سال جي رهتن جي فوري ادائگي ۽ هن سال وڪرو ڪيل ڪمند ۾ مڊل مين ۽ ڪٽوتين جي مد واري رقم جي واپسي جي مطالبي تي اتفاق نه ٿيڻ تي آبادگارن جي وفد واپس ڌرڻي واري هنڌ پهچي احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪيو. آبادگارن جو چوڻ هو ته مڊل مين ۽ ڪٽوتين جي صورت ۾ ڦرلٽ ٿيل رقم جي واپس ٿيڻ تائين ڌرڻو  جاري رهندو.

رات کان ڌرڻي واري هنڌ وڏي انگ ۾ پوليس نفري موجود آهي،جڏهن ته آبادگارن پاران صبح کان پاڪ ڪتاب جو ورد شروع ڪيو ويو آهي. آبادگارن جي ڌرڻي سبب چار ڏينهن کان قومي شاهراهه بند هئڻ سبب ڀرپاسي جي لنڪ روڊن تي رش وڌي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾مختلف شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ مسافر توڙي مال بردار گاڏين جون قطارون لڳي ويون آهن.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *