Wednesday , April 24 2024

خواجا سعد رفيق پاڪ فوج جي چين آف ڪمانڊ کي نشانو بڻائي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ ) ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردن جو ڪو به نيٽ ورڪ ناهي، خواجا سعد رفيق پاڪ فوج جي چين آف ڪمانڊ کي نشانو بڻائي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي، سازش آهي ته ان جا ثبوت ڏيو. پاڪستان ۾ حقاني نيٽ ورڪ سميت ڪنهن به دهشتگرد تنظيم جو نيٽ ورڪ موجود ناهي. راولپندي ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي پاڪ فوج جي ترجمان ڊي جي آءِ ايس پي آر، ميجر جنرل آصف غفور چيو ته حقاني نيٽ ورڪ خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ جو آمريڪي موقف ڪارآمد نه آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ هاڻي ڪنهن به دهشتگرد تنظيم جو منظم نيٽ ورڪ ناهي. سمورن دهشتگرد گروپن خلاف بنا فرق ڪارروائي ڪئي وئي آهي. راولپندي ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ميجر جنرل آصف غفور چيو ته حقاني نيٽ ورڪ خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ جو آمريڪي موقف ڪارآمد نه آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ هاڻي ڪنهن به دهشتگرد تنظيم جو منظم نيٽ ورڪ ناهي. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته ڪنهن ملڪ جي چوڻ تي ڊو مور نه ٿو ڪري سگهجي، دهشتگردي خلاف جنگ پنهنجي مفاد ۾ وڙهي آهي. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته پنهنجي عزت نفس تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي. هن چيو ته 20 لک کان وڌيڪ افغان پناهگيرن کي پنهنجي ڏيهه موڪليو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج دوستن سان ملي ڪم ڪري رهي آهي. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته خطرا  اڃا موجود آهن، آمريڪا طرفان اتحادي سپورٽ فنڊ ۾ مليل رقم اسان جي خرچ ڪيل رقم جي واپسي هئي. هن چيو ته اولهه جي سرحد تي خطرن باوجود اوڀر جي سرحد تي دهشتگردن جو ڀرپور مقابلو ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي اندر ڪارروائي جون تياريون ٿي رهيون آهن، ملڪي مفاد ۾ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.

ميجر جنرل آصف غفور چيو ته پاڪ افغان سرحد تي هر ڏيڍ کان ٻن ڪلوميٽرن تي پاڪ فوج وڏي انگ ۾ موجود آهي. هن چيو ته 2 هزار کان وڌيڪ فراري قومي ڌارا ۾ واپس اچي چڪا آهن، بلوچستان ۾ امن لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته آرمي چيف خوشحال بلوچستان پروگرام جي تجويز ڏني جنهن تي عمل ٿي رهيو آهي. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته ڀارت جي اڳرائي ۾ 2017ع دوران تيزي آئي ۽ 52 شهرين کي شهيد ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته ڪنهن ملڪ جي چوڻ تي ڊو مور نه ٿو ڪري سگهجي، دهشتگردي خلاف جنگ پنهنجي مفاد ۾ وڙهي آهي. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته پنهنجي عزت نفس تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي. هن چيو ته 20 لک کان وڌيڪ افغان پناهگيرن کي پنهنجي ڏيهه موڪليو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج دوستن سان ملي ڪم ڪري رهي آهي. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته خطرا اڃا موجود آهن. آمريڪا طرفان اتحادي سپورٽ فنڊ ۾ مليل رقم اسان جي خرچ ڪيل رقم جي واپسي هئي. هن چيو ته اولهه جي سرحد تي خطرن باوجود اوڀر جي سرحد تي دهشتگردن جو ڀرپور مقابلو ڪيو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آرچيو ته، پاڪستان جي اندر ڪارروائي جون تياريون ٿي رهيون آهن، ملڪي مفاد ۾ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته پاڪ افغان سرحد تي هر ڏيڍ کان ٻن ڪلوميٽرن تي پاڪ فوج وڏي انگ ۾ موجود آهي. هن چيو ته 2 هزار کان وڌيڪ فرار قومي ڌارا ۾ واپس اچي چڪا آهن، بلوچستان ۾ امن لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته آرمي چيف خوشحال بلوچستان پروگرام جي تجويز ڏني جنهن تي عمل ٿي رهيو آهي. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته ڀارت جي اڳرائي ۾ 2017ع دوران تيزي آئي ۽ 52 شهرين کي شهيد ڪيو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *