Friday , April 19 2024

شڪارپور ۽ ڪنڌڪوٽ ضلعن مان اغوا ٿيل 11 ڄڻا آزاد نه ٿي سگهيا،پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو

ڪنڌڪوٽ ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ ڀنگ لاءِ اغوائن جا واقعا هڪ ڀيرو ٻيهر زور وٺي رهيا آحن، صرف شڪارپور ۽ ڪنڌڪوٽ-ڪشمور ضلعن مان ڪجهه هفتن دوران 11 ڄڻا اغوا ٿي چڪا آهن پر پوليس انهن کي ڌاڙيلن جي چنبي مان ڇڏائڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهي آهي. اغوا، موٽر سائيڪلز جي ڦر، مختلف شهرن جي مارڪيٽس ۾ دوڪانن مان چورين جا واقعا به زور وٺندا پيا وڃن ۽ پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

تنگواڻي ڀرسان ڊيرا سرڪي ٿاڻي جي حد مان گذريل رات هٿياربند ڪرمپور گرڊ اسٽيشن جي انچارج نظام الدين کوسو ۽ هڪ هفتو اڳ عنايت الله گجراڻي پڻ کڻي ويا آهن. 3 ڏينهن اڳ ڪرمپور ٿاڻي جي حد انڊس هاءِ وي تان نئون ديرو واسي ٽرڪ ڊرائيور نديم ۽ سليم جيهو کي هٿياربند اغوا ڪري ويا. شڪارپورضلعي جي مختلف علائقن مان هٿياربند 7 ڄڻن کي اغوا ڪري ويا، جن مان 3 ڄڻا بازياب ٿيا آهن.

ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد مان 2 مهينا اڳ غلام قمبر ۽ علي نواز سولنگي کي هٿياربند اغوا ڪري ويا، جيڪي اڃاتائين بازياب ٿي نه سگهيا آهن. اغوا ڪيلن جي وارثن موجب هٿياربندن ٻنهي مغوين جي بازيابي لاءِ 3 لک ڀنگ طلب ڪيو آهي.

 خانپور ويجهو هٿياربند ٽن پورهيتن نويد سومرو، تنوير سومرو ۽ شاهد ڪلهوڙي کي اغوا ڪري ويا جيڪي بازياب ٿي نه سگهيا آهن. لکي غلام شاهه ڀرسان ڪجهه مهينا اڳ ڳوٺ جامي قبو مان ٽن ڄڻن کي اغوا ڪيو ويو هو، جن کي بعد ۾ بازياب ڪرايو ويو آهي. رهواسين حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ٻنهي ضلعن ۾ وڌندڙ بدامني تي ڪنٽرول ڪري مغوين کي جلد بازياب ڪرايو وڃي.

ڪراچي، نوشهرو فيروز ۽ خيرپور ضلعن ۾ وري موٽر سائيڪلز جي ڦر، ڳوٺن مان چورين ۽ شهرن جي مارڪيٽن ۾ دوڪانن کي کاٽ هڻي چوريون ڪرڻ جي واقعن ۾ به واڌ ايندي پئي وڃي. پر پوليس ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين شهرن مان چورين جو هڪ به جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *