Friday , April 19 2024

سيوهڻ ويجهو روڊ حادثو، هڪ ئي ڪٽنب جا 10 ڀاتي فوت، قمبر ۾ سوڳ وارو ماحول

ڄامشورو (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سوهڻ ويجهو انڊس هاءِ وي تي جيءَ جهوريندڙ حادثو، هڪ ئي ڪٽنب جا 10 گهر ڀاتي فوت، فوتيرن جا مڙهه قمبر پهچڻ تي تي قهرام مچي ويو، سڄو علائقو سوڳ ۾ ورتل. آچر ڏينهن عصُر ويل تقريبن پوڻين چئي وڳي ڌاري مهل انڊس هاءِ وي تي ڳوٺ سرائي سولنگي بس اسٽاپ وٽ ڪراچي کان لاڪاڻو ويندڙ المدينه ڪوچ نمبر ايل اي ايس 4537 ۽ لاڙڪاڻو ڪوچ نمبر جي بي 2745 ۽ سوزوڪي نمبر 9205 پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون. جنهن جي نتيجي ۾ سوزوڪي پڪ اپ مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي. حادثي جي نتيجي ۾ سوزوڪي ۾ سوار قمبر هبڪ ئي ڪٽنب جي، 5 ٻارن ۽ 4 عورتن سميت 10 مسافر اجل جو شڪار ٿي ويا.

فوتين جا لاش مقامي ماڻهن ۽ پوليس کڻي سن رورل هيلٿ سينٽر پهچايا، ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ڪيپٽن رٽائرڊ فريدالدين مصطفيٰ مطابق فوتين ۾ هڪ مرد بدرالدين عرف جمال الدين، 4 عورتون، ريشمان. سائرا، صائمه، ڪامل خاتون جڏهن ته 2 ٻارڙا احمد جميل، جمشيد ۽ 3 ٻارڙيون اقرا، اجوا ۽ خوشبو طور سڃاڻپ ٿي وئي آهي.جن جو تعلق لاڙڪاڻي ۽ قمبر جي وچ ۾ موجود ڳوٺ نور محمد شيخ جا رهواسي ۽ هڪ ئي ڪٽنب جا ڀاتي آهن. فوتي ڪراچي جي سچل واري علائقي ۾ مخدوم بلاول ڳوٺ جا رهواسي هئا، جيڪي قمبر وڃي رهيا هئا ته حادثي جو شڪار ٿي ويا. فوتين جا مڙهه سن رورل هيلٿ سينٽر مان ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ڪيپٽن رٽائرڊ فريدالدين مصطفيٰ ۽ ايس ايس پي ڄامشورو سيد عرفان بهادر جي نگراني ۾ غسل ۽ ڪفن ڏيارڻ بعد ايمبولينسن ذريعي لاڙڪاڻي موڪليا ويا.

فوتين جا لاش اباڻي ڳوٺ قمبر پهچڻ تي شهر ۾ سوڳ ڇائنجي ويو. جنازي نماز ۾ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جنه  بعد سمورين فوتين کي سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *