Saturday , April 20 2024

سپريم ڪورٽ حديبيه پيپرملز ڪيس بابت ٽي وي ٽاڪ شوز تي پابندي هڻي ڇڏي

اسلام آباد( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ حديبيا ريفرنسز ڪيس بابت ٽاڪ شوز تي پابندي لڳائي ڇڏي، جسٽس مشير عالم ريماڪس ڏيندي چيو رڳو رپورٽنگ جي اجازت هوندي، ٽاڪ شوز ۾ ڪنهن به ميرٽ تي ڳالهه نٿي ٿي سگهي. جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ جسٽس قاضي فائز عيسي ۽ جسٽس مظهر عالم خان تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ حديبيه پيپرز ملز کولڻ جي نيب درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. وڪيل چيو ته پراسيڪيوٽر نيب ڏانهن سمري موڪلي وئي آهي، جلد منظور ڪئي ويندي، عدالت دليل ٻڌڻي بعد ڪيس ملتوي ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي. سپيشل پراسيڪيوٽر نيب عدالت کي ٻڌايو ته 10 ڊسمبر 2000 ع تي نوازشريف جلا وطن ٿيو، جنهن تي جسٽس فائز عيسي پڇاڻو ڪيو ته ان وقت پاڪستان جي حڪومت ڪير هلائي رهيو هو، جنهن تي  وڪيل چيو ان وقت چيف ايگزيڪٽو پرويز مشرف هو. جسٽس مشير عالم سوال ڪيو ته جوابدار اٽڪ ۾ هو ته جهاز هاءِ جيڪنگ ڪيس ڪراچي ۾ ڪيئن هليو، جڏهن ته جسٽس قاضي فائز عيسي چيو ته فرار ٿيڻ بابت ته ٻڌو هو پر جلا وطني جو حڪم ڪنهن ڏنو. وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته معاهدي تحت نوازشريف ٻاهر ويو هو.

ان  موقعي تي  جسٽس قاضي عيسيٰ چيو ته جيڪڏهن پاڻ ٻاهر ويو هو ته کيس مفرور قرار ڏيڻ جي ڪارروائي ٿيڻ گهرجي ها. ڇا جلاوطني جي ڪا قانوني حيثيت هئي. ڊپٽي پراسيڪيوٽر نيب موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ 5 رڪني بينچ چيو هو ته حديبيه جو تعلق پاناما سان آهي، جنهن تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اوهان پنهنجي اداري تي پاڻ حملو ڪري رهيا آهيو. اوهان جيڪو مثال قائم ڪري رهيا آهيو، اهو خطرناڪ آهي. جسٽس قاضي فائز عيسي ڊپٽي پراسيڪيوٽر نيب کي چيو ته اوهان جيڪو چئي رهيا آهيو، اها اقليتي راءِ آهي،  فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ معاملو آيو ته پوءِ ڏٺو ويندو.عدالت حديبيا پيپر ملز جي حقيقتن بابت لائيو شوز تي پابندي لڳائيندي چيو ته حديبيا پيپرز ملز جي ريفرنسز ڪيس جي رڳو رپورٽ جي اجازت هوندي، ڪو به تبصرو نه ڪندو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *