Friday , March 29 2024

ڊونلڊ ٽرمپ والاريل بيت المقدس کي اسرائيل جي راڄڌاني واري هنڌ طور تسليم ڪري ڇڏي

واشنگٽن (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪا بيت المقدس کي اسرائيلي گادي جو شهر بيت المقدس/يروشيلم ڪري ورتو، مسلم دنيا سراپا احتجاج، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وائيٽ هائوس ۾ خطاب ڪندي چيو ته بيت المقدس کي اسرائيل جو گادي جو شهر تسليم ڪري رهيا آهيون ۽ آمريڪي سفارتخانو تل ابيب کان يروشلم منتقل ڪيو ويندو، ڊونلڊ ٽرمپ وڌيڪ چيو ته 20 سالن کان ڪنهن به آمريڪي صدر بيت المقدس معاملي تي اڳڀرائي نه ڪئي، ايتري ڊگهي عرصي کانپوءِ اسان ڊگهي امن جي ويجهو آهيون، بيت المقدس ڪامياب جمهوريتن جي دل آهي، جتي اسرائيلي پارليامينٽ به موجود آهي.

اسرائيل جي گادي جو شهر قرار ڏيڻ جو قدم امن لاءِ اڻٽر هو، هن چيو ته ڄاڻون ٿا ته ان فيصلي جي مخالفت ڪئي ويندي پر آمريڪا ٻن رياستي نظرين جي مشروط حمايت ڪري ٿو. اسان کي نفرت نه پر بردباري جي ضرورت آهي، آمريڪي صدر چيو ته يروشلم جي حوالي سان آمريڪي پاليسي ۾ تبديلي وڏي عرصي کان دير جو شڪار هئي، هن چيو ته ماضي ۾ آمريڪا جي ڪيترن صدرن چيو هو ان سلسلي ۾ ڪجهه ڪرڻ چاهين ٿا پر انهن ڪجهه نه ڪيو، خبر ناهي انهن جي همت نه ٿي يا ڪو ٻيو سبب هو.

About Asghar Azad

Check Also

نيٺ طالبان محمد حسن اخوند جي سربراهي ۾ حڪومت جوڙي ورتي

طالبان جي اڳوڻي باني امير ملا عمر جو پٽ  ۽ فوجي آپريشن جو سربراهه ملا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *