Tuesday , March 19 2024

پ پ اڳواڻ پاران صحافي کي ڌمڪيون ڏيڻ خلاف پڪاچانگ ۾ سول سوسائٽي جو احتجاج

فيض گنج (رپورٽر سنڌسماءَچار) صحافي صداقت ميمڻ سان پ پ خيرپور جي جنرل سيڪريٽري شيراز راڄپر پاران  ڪيل بدڪلامي ۽ ڌمڪين خلاف سول سوسائٽي ۽ صحافين پڪاچانگ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، وڏيري خلاف نعريبازي به ڪئي وئي. ڪجهه ڏينهن اڳ ڪرونڊي ۾ صوبائي وزير منظور وساڻ جي پريس ڪانفرنس دوران، پ پ خيرپورجي جنرل سيڪريٽري شيراز راڄپر ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين نيوز جي رپورٽر صداقت ميمڻ سان بدڪلامي/گٿا لفظ ڳالهائي مٿس ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ واري معاملي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

تفصيلي خبر موجب سنڌ جي ماڻهن کي صحت ملي يا نه ملي ٿو سوال ٿو ڪرين منظور وساڻ کان فريال ٽالپر جو دادلو وڏيرو صحافي مٿان ڏمرجي پيو، ڪريل زبان استعمال ڪندي موتمار ڌمڪيون ڏنيون ويون، سنڌ سڄي سراپا احتجاج بڻيل، وڏيري خلاف فيسبڪ ٽيوٽر تي سول سوسائيٽي، سياسي ڌرين جي پ پ ضلعي خيرپور جي جنرل سيڪريٽري شيراز شوڪر راڄپر مٿان ڇتي تنقيد،  فيض گنج ۾ منظور وساڻ جي ميڊيا ٽاڪ دوران صحافي صداقت ميمڻ پاران سنڌ جي اڪثر هيلٿ سينٽرن ۾ گذريل ڪجهه مهينن کان صحت جون سهولتون، دوائون نه هجڻ ۽ هيلٿ سينٽرن کي خانگي تنظيمن حوالي ڪرڻ جو سوال پڇڻ تي پيپلزپارٽي ضلعي خيرپور جي جنرل سيڪريٽري شيراز شوڪت راڄپر پاران صحافي صداقت ميمڻ کي انتهائي غير مناسب ٻولي استعمال ڪرڻ سميت گارگند ڪندي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ موتمار ڌمڪيون ڏيڻ خلاف فيض گنج جي صحافين يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي اڪري ۾ مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي غلام فريد هاليپوٽو، ايوب آرائين، اصغر شر، ارشاد لاشاري، انصاف لاشاري، احسان ڀنگو، رفيق سومرو، اميرحيدر شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو.

ان کانسواءِ پڪاچانگ ۾ سول سوسائيٽي جي اڳواڻن مرتضي شر، عبدالباقي شر، اشتياق چانگ، خادم شر، عطاحسين، مصدق ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مک چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. جتي صحافين ۽ سول سوسائيٽي جي اڳواڻن چيو ته جمهوري پارٽي جي ضلعي جنرل سيڪريٽري شيراز شوڪت راڄپر پاران ڪي ٽي اين نيوز رپورٽر صداقت ميمڻ سان بدڪلامي ڪرڻ سميت موتمار ڌمڪيون ڏنيون ۽ چيو ته ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائيندس، مظاهرين چيو ته اهڙي بداخلاق پ پ جي عهديدار خلاف ڪارروائي ڪندي کيس عهدي تان هٽائي ڪارروائي ڪئي وڃي. هنن چيو ته هي ڪهڙو پيپلزپارٽي جو منشور آهي جو قلم ڌڻي جي سنڌ جي مسئلن تي سوال ڪرڻ تي گٿا لفظ ڳالهائڻ سان گڏ موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، هنن چيو ته اهڙي نااهل ڪرپٽ پ پ اڳواڻ کي سندس عهدي تان هٽائي قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ پ پ اڳواڻن جي گهرن آڏو احتجاج ڪيا ويندا، سيٺارجا، ڏوڪري، سميت مختلف شهرن ۾ وڏيري خلاف احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻن جو سلسلو به جاري آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *