Friday , March 29 2024

مهراڻ يونيورسٽي ويجهو هٿ آيل دستي بم ناڪارا بڻيا يا ويا

ڄامشورو( سنڌ سماءَ چار نيوز) ڄامشورو ويجهو مهراڻ يونيورسٽيءَ جي ڀرسان مين روڊ تان هٿ آيل 5  دستي بمن کي بم ڊسپوزل اسڪواڊ ناڪاره بڻائي وڏي نقصان ٿيڻ کان بچائي ورتو.  بي ڊي ايس يو جو چوڻ آهي ته هٿ آيلل بم ديسي ساخته ۽ انهن ۾ خطرناڪ آرڊي ايڪس وارو مواد ڀريل هو جيڪو ڦاٽڻ سان وڏو جاني نقصان پهاچئي سگهڻ جي سگهه رکي پيو. سڄاڻ ڌرين پاران يونيورٽين ۾ شاگردياڻين کي هيسائڻ ۽ بم هٿ اچڻ کي سنڌ جي تعليمي ادارن جو ماحول تباهه ڪرڻ جي سازش قرار ڏنو ويو آهي.

مهراڻ يونيورسٽي مين هاءِ وي تي5  دستي بم هٿ ٿيڻ جي اطلاع تي رينجرز۽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي سيل ڪري ڇڏيو. جنهن بعد بم ڊسپوزل اسڪواڊ تڪڙي ۽ مهارت واري ڪارروائي ڪندي بنج ئي بمن کي ناڪارا بڻائي ڇڏيو. بم جو اطلاع ملڻ بعد پوليس ۽ انتظاميا يونيورسٽي جون بسون روڪي شاگردن کي پيادل محفوظ رستي تان روانو ڪيو ويو.

بم ڊسپوزل اسڪواڊ هٿ آيل پنجن ئي بمن کي 4 ڪلاڪن بعد ناڪارا بڻايو ايس ايس پي ڄامشورو عرفان بهادر چيو ته ناڪاره ڪيل بم رموٽ ڪنٽرول هئا، جن جو وزن 5 کان 7 ڪلو هو. دهشتگردن پاران اهڙا بم رکي يونيورسٽي کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن اهي بم ڦاٽن ها ته وڏو جاني نقصان ٿئي ها، پر اسان جي 4 ڪلاڪن جي ڪوشش سان بمن کي ناڪاره ڪري يونيورسٽي ۽ سپر هاءِ وي تان گذرندڙ گاڏين کي بچائي ورتو آهي. ايس ايس پي جو وڌيڪ چوڻ هو ته هنن معاملي جي جاچ لاءِ ٽيم جوڙي آهي.

ٻي طرف سڄاڻ ڌرين پاران يونيوسرٽي ٻاهران بم هٿ اچڻ واري واقعي کي سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردياڻين کي جنسي طور هيسائڻ سان ڳنڍيندي چيو آهي ته، ڪيترن ئي ورهين کان سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ آيل امن واري ماحول کي تباهه ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. ٻئي واقعا تعليم ۽ سنڌ دشمن قوئتن جي سازش آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *