Saturday , April 20 2024

سنڌ هاءِ ڪورٽ جو حڪم،پهريون ڀيرو ڪرپشن ڪندڙ 483 ڪامورا عهدن تان فارغ

ڪراچي ( اصغر آزاد – سنڌسماءَچار) سرڪاري عهدن تي ويٺل ڪامورن جي ڪرپشن ڪهاڻين بعد کين عهدن تان هٽائڻ جو سلسلو جاري آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران پهريون ڀيرو ڪرپشن ۾ ملوث سنڌ حڪومت جي ڪامورن، عملدارن ۽ ملازمن کي سندن عهدن کان ڌار ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس احمد علي شيخ جي حڪم تي ، سنڌ جي چيف سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل کاتن جي سيڪريٽريز پاران اهڙن عملدارن کي هٽائڻ وارو عمل جاري آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪرپشن جي مختلف ريفرنسز، ڪرپشن جي الزامن هيٺ ضمانتن لاءِ درخواستون ڪندڙ ڪامورن جي ڪيسز دوران حڪم ڏنو هو ته، ڪرپشن جي الزامن هيٺ آيل ڪامورن جن رضاڪاراڻي طور ڏوڪڙ واپس ڪيا هئا انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ڇو ته نيب جي قانون ۾ اهڙن ڪامورن خلاف  رقم واپس ڪرڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي جي گنجائش نه هئي.

سنڌ حڪومت نيب کي رضاڪاراڻي طور رقم واپس ڪندڙ  483 آفيسرن ۽ ملازمن جي فهرست مطابق کين عهدن تان هٽائڻ لاءِ نوٽيفڪيشنز جاري ڪيا پيا وڃن. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق عهدن تان هٽائڻ کان رهجي ويل ڪامورن خلاف به ڪارروائي وارو عمل جاري آهي. ذريعن موجب ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن موڪل هجڻ باوجود نوٽيفڪيشنز جاري ڪري جمعي ڏين 20 هين آڪٽوبر ۽ سومر ڏينهن 23 هين آڪٽوبر جي تاريخ ڄاڻائي نوٽيفڪيشن جاري ڪيا پيا وڃن. اهڙن ڪامورن جي فهرست نوٽيفڪيشنز سان گڏ اڱاري جي ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ويندي. فارغ ڪيل ڪامورن، عملدارن ۽ ملازمن ۾ فاريسٽ جو ڪنزرويٽر غلام قادر شاهه، ڊي ايف او جان محمد سومرو ٻيا ذميوارين کان آجا، اڳوڻن ڊپٽي ڪمشنرن سهيل اديب بچاڻي، آغا شاهنواز بابر، سپرنٽينڊنٽ انجنيئر سردار علي شاهه، ايگزيڪيوٽو انجنيئر مشتاق راجپورت، نذير احمد شيخ ۽ ٻين کي به فارغ ڪيو ويو آهي.

ناڻي کاتي جا 16، اسڪول ايجوڪيشن جا 297، ورڪس اينڊ سروسز کاتي جا 30، فاريسٽ ۽ وائلڊ لائيف کاتي جا 8، صحت کاتي جا 6، زراعت کاتي جا 2، سوشل ويلفيئر جو هڪ، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جا 6، خوراڪ کاتي جا 26، مڪاني ادارن واري کاتي جا 48، آبپاشي جا 27، پوليس جا 8 ۽ ايس اينڊ جي ڊي جا 8 ملازم شامل آهن، ذريعن موجب ڪالهه ٻيلي کاتي جي گريڊ 19 جي ڪنزرويٽر غلام قادر شاهه، گريڊ 18 جي ڊي ايف او جان محمد سومرو کي عهدي تان فارغ ڪيو ويو آهي.

ورڪس ۽ سروسز کاتي مان اسسٽنٽ انجنيئر زين العابدين گهمرو، غلام مصطفيٰ انڙ، سعيد احمد بليدي، سندر مل، سب انجنيئر صابر علي کوسو ۽ محمد نواز عارباڻي کي عهدن تان هٽائي رپورٽ ڪرائي وئي آهي. ذريعن موجب عهدن تان فارغ ڪيل فهرست ۾ 19 گريڊ جي اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر سهيل اديب بچاڻي، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 18 گريڊ جي اڳوڻي ڊي سي آغا شاهنواز بابر، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جي 18 گريڊ جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر مشتاق راجپورت، ايگزيڪيوٽو انجنيئر نذير احمد شيخ، سپرنٽينڊنٽ انجنيئر سردار علي شاهه، سيد زاهد حسين شاهه، اڳوڻي ميونسپل آفيسر سيوهڻ علي اصغر ڀنڊ، اڳوڻي ميونسپل آفيسر سيوهڻ محمد ادريس ميمڻ، اڳوڻي ميونسپل آفيسر مختيار احمد برفت سميت ٻيا آفيسر ۽ ملازم شامل آهن.رضاڪاراڻي طور رقم واپس (وي آر) ڪندڙ آفيسرن ۽ ملازمن خلاف ڪارروائي بابت سنڌ جو چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ اڱاري تي رپورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائيندو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *