Thursday , April 25 2024

سنڌو درياءَ ۾ گٽرن جو پاڻي ڇوڙ ٿيڻ بند ناهي ٿيو، ماڻهو گندو پاڻي پيئڻ تي مجبور، اصل مسئلو فنڊز جو نه پر نااهلي جو آهي

ڪراچي ( اصغر آزاد سنڌسماءَچار) پيئڻ جي صاف پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ گندو پاڻي نيڪال ڪرڻ بابت سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي جسٽس اقبال ڪلهوڙو تي ٻڌل هڪ رڪني واٽر ڪميشن، هڪ ڀير ٻيهر واضع ڪيو آهي ته، سنڌو درياءَ ۾ گٽرن جو پاڻي ڇوڙ ٿيڻ بند ناهي ٿي سگهيو، ڪامورن جي جي لاپرواهين سبب ماڻهو گندو ۽ صحت لاءِ هاڃيڪار پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن. واٽر ڪميشن طرفان پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪال جي صورتحال بهتر نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي حيدرآباد ۾ لائسنس رد ٿيڻ باجود ڪم ڪندڙ صنعتن خلاف ڪارروائي ۽ پاڪستان واٽر ريسرچ ڪائونسل کي اسپتالن جو پاڻي چڪاس ڪري رپورٽ ڏيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. مڪاني ادارن جي سيڪريٽري محمد رمضان اعواڻ اعتراف ڪيو آهي ته مسئلا حل نه ٿيڻ جو اصل ڪارڻ نااهلي آهي. واٽر ڪميشن رمارڪس ۾ چيو آهي ته اهڙن قدمن جو ڪهڙو فائدو جن تي عمل نه ٿئي؟، حيدرآباد ۾ اڃا تائين گندو پاڻي درياهه ۾ وڃي رهيو آهي. ڪامورن جي نااهلي سبب ماڻهو زهريلو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن. سنڌ ۾ صاف پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال بابت سپريم ڪورٽ پاران جوڙيل واٽر ڪميشن جو اجلاس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج  جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي جي صدرات هيٺ ٿيو. جنهن ۾ صحت کاتي جي سيڪريٽري فضل الله پيچوهو، مڪاني ادارن واري کاتي جو سيڪريٽري رمضان اعواڻ، آبپاشي کاتي جو سيڪريٽري مصطفيٰ جمال سيد ۽ ايم ڊي واٽر بورڊ هاشم رضا زيدي سميت سمورن لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.

مڪاني ادارن واري کاتي جي سيڪريٽري محمد رمضان اعواڻ ڪميشن کي ٻڌايو ته سڀ کان وڏو مسئلو فنڊز جو نه پر نااهلي جو آهي، اسڪيمن لاءِ پيسا موجود هئڻ باوجود انهن کي ٺيڪ طريقي سان استعمال نه ٿو ڪيو وڃي.

واٽر ڪميشن جي مددگار مرتضيٰ آرائين ٻڌايو ته بدين ۾ 6 لک گيلن پاڻي فراهمي جا فلٽر آهن، جڏهن ته ضرورت هڪ لک گيلن پاڻي جي آهي. اهڙي ڄاڻ ملڻ بعد ڪميشن سربراهه جسٽس اقبال ڪلهوڙو غلط پلاننگ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جي سيڪريٽري ۽ بلديات کاتي کي مسئلا حل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ڊي سي بدين طرفان پيش ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو ته 10 ڏينهن اندر پاڻي جا پلانٽ فعال ڪيا ويندا. سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ انجينئرنگ ڪميشن کي آگاهي ڏني ته واٽر ٽينڪرز لاءِ قانون تيار ڪري ورتو آهي، منظوري وٺڻ باقي آهي. لوڪل گورنمينٽ جي سيڪريٽري ڪميشن کي آگاهي ڏني ته هائڊرينٽس لاءِ قانون تيار ڪري ورتو آهي، جنهن کي ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو.

ايم ڊي واٽر بورڊ واٽر ڪميشن کي ٻڌايو ته، 6 هائيڊرنٽس جي سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت نيلامي جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي. حيسڪو طرفان بجلي جي ڪنيڪشنن بابت ٻڌايو ويو ته 118 اسڪيمن لاءِ ڪنيڪشن ڏيڻا هئا، 109 اسڪيمن کي ڪنيڪشن ڏنا ويا آهن، باقي 9 مان هڪ جو معاملو عدالت ۾ آهي. صحت واري سيڪريٽري پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته 17 وڏين اسپتالن مان 3 جي ڪچري کي ٺڪاڻي لڳائڻ لاءِ انسينيٽرز خريد ڪيا ويا آهن، جيڪي اسپتالن ۾ لڳائڻ جو ڪم جاري آهي، ڪميشن حڪم ڏنو ته پاڪستان واٽر ريسرچ ڪائونسل اسپتالن جو پاڻي چيڪ ڪري رپورٽ ڪميشن کي ڏئي.

ماحولياتي تحفظ واري اداري ٻڌايو ته  245 صنعتن کي نوٽيس ڏنا ويا آهن، ماحولياتي قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي هڪ ڪروڙ 10 لک رپيا ڏنڊ پڻ ورتو ويو آهي. جنهن تي درخوستگذار شهاب اوستي چيو ته 27 هزار صنعتن مان صرف 245 صنعتن کي نوٽيس مليا آهن ۽ ارب پتي صنعتڪارن کي صرف 50 هزار رپين جو نوٽيس ڏيڻ مذاق آهي. ان تي ڪميشن جي سربراهه جسٽس اقبال ڪلهوڙو پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ماحولياتي تحفظ واري اداري جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ آهي، ادارو پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪري، ڪميشن حيدرآباد جي ڪمشنر کي حيدرآباد سائيٽ جي صورتحال مانيٽر ڪرڻ جي هدايت ڪئي، حيدرآباد سائيٽ جي آفيسرن ٻڌايو ته 150 کان وڌيڪ صنعتن جي پرمٽ رد ڪري ڇڏي آهي. جنهن تي ڪميشن پڇا ڪئي ته پوءِ ڇا ٿيو؟، جنهن تي ٻڌايو ويو ته پوءِ به اهي صنعتون ڪم ڪري رهيون آهن، ان تي ڪميشن ماحولياتي تحفظ واري اداري کي ڪارروائي جو حڪم ڏيندي چيو ته اهڙن قدمن جو ڪهڙو فائدو جن تي عمل نه ٿئي.

حيدرآباد ۾ اڃا تائين گندو پاڻي درياهه ۾ وڃي رهيو آهي، ڪامورن جي نااهلي سبب ماڻهو زهريلو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن. رينجرز ملير ندي جي ڀرپاسي پاڻي جي لائينن بابت رپورٽ پيش ڪئي، رينجرز ٻڌايو ته پاڻي جي لائينن جي حفاظت ۽ ريتي بجري جي چوري روڪڻ لاءِ رينجرز جي اثرائتي پيٽرولنگ جاري آهي. ڪميشن کي چيف سيڪريٽري جي فوڪل پرسن آگاهي ڏني ته صاف پاڻي جي فراهمي بابت جوڙيل ٽاسڪ فورس جو سربراهه ملڪ ۾ موجود نه آهي، اهو ٽريننگ جي سلسلي ۾ جاپان ويل آهي. ڪميشن وڌيڪ ڪارروائي 21 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *