Friday , April 19 2024

احتساب عدالت مريم نواز،حسن، حسين ۽ ڪئپٽن صفدر جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

NAB office

اسلام آباد ( خاص عيوضي سنڌسماءَچار) اسلام آباد جي احتساب عدالت نااهل ٿيل اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، سندس ڌيءُ مريم نواز، پٽن حسن، حسين نواز ۽ ناٺي ڪئپٽن (ر) صفدرجي عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي سندن ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. نواز شريف عدالت ۾ پيش ٿيو پر ڪرپشن ڪيسز ۾ عدالت جوابدارن خلاف فردم جرم لاڳو ڪرڻ وارو عمل به ايندڙ ٻڌڻي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي.

CAPTAIN-SAFDARHussan & Hassan nawazMaryam Nawaz JIT 01

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سندس ڌيءُ، ٻن پٽن ۽ ناٺي خلاف ڪرپشن ريفرنسز تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت آڏو اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف پيش ٿيو. احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي جي موقعي تي آيل وفاقي گهرو وزير احسن اقبال، دانيال عزيز ۽ ٻين کي سيڪيورٽي تي مقرر پوليس ۽ رينجرز جي عملدارن ۽ اهلڪارن اندر داخلک ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو. جنهن تي احسن اقبال سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

احتساب  عدالت ۾ نواز شريف خلاف اڄ فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو آهي، عدالت فرد جرم سميت وڌيڪ ڪارروائي لاءِ ٻڌڻي 9 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. عدالت لاڳاپيل ادان کي حڪم ڪيو آهي ته، مريم، حسن، حسين نواز ۽ ڪئپٽن (ر) صفدر کي گرفتار ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *