Thursday , April 25 2024

نصرپور: شهيد تانيا قتل ڪيس جو وڌيڪ اهم جوابدار سانگهڙ مان گرفتار

Alee nohaniTania khaskheli 02

نصرپور(سنڌسماءَچار نيوز) ڪوٽڙي پوليس جهانگارا ۾ شاگردياڻي شهيد تانيا خاصخيلي جي قتل ڪيس جو ٽيون مک جوابدار علي خان عرف عالي نوحاڻي کي سانگھڙ ڀرسان ڪيلن جي باغ مان سوگهو ڪري ورتو آهي. عالي نوحاڻي قتل ۾ ملوث هجڻ جو اعتراف به ڪري ورتو، خانو نوحاڻي خلاف به شاهد بڻجي ويو. ايس ايس پي ڄامشورو سيد عرفان بهادر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته تانيه قتل ۾ ملوث ٽيون مک جوابدار عالي نوحاڻي کي گرفتار ڪيو آهي، تانيا قتل ڪيس ۾ ملوث خانو نوحاڻي کي گرفتار ڪرڻ بعد خانو نوحاڻي جاچ دوران اهو ٻڌايو ته تانيا کي قتل ڪرڻ وقت عالي نوحاڻي گڏ هو. اسان بعد ۾ عالي نوحاڻي کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ٽيم جوڙي جيڪا ايس ايچ او ڪوٽڙي نيڪ محمد کوسو جي اڳواڻي ۾ سانگهڙ ڀرسان لنڊو ٿاڻي جي حد مان هڪ جاءِ تي مقابلي بعد گرفتار ڪيو آهي. تانيا جي قتل ۾ هن جوابدار موٽرسائيڪل هلائي ۽ عالي نوحاڻي سان تانيا جي قتل وقت گهر ڀاتين سان مزاحمت ڪئي. اسان موٽر سائيڪل به هٿ ڪئي آهي پر تانيا جي قتل ۾ استعمال ٿيل هٿيار به هٿ ڪيو آهي، جنهن جي ايفسل ليبارٽري مان ٽيسٽ ڪرائي آهي جنهن ۾ اهو ظاهر ٿيو آهي ته هي پسٽل استعمال ٿيو آهي. ايس ايس پي عرفان بهادر وڌيڪ چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ به هن ڪيس جو نوٽيس ورتو آهي اسان به هر رخ کان جاچ ڪيون پيا جيڪي به سهولت ڪار هوندا گرفتار ڪيا ويندا.

Tania khaskheli 03

ايس ايس پي ڄامشور پريس ڪانفرنس دوران مختلف سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته، ڪيس جي جاچ دوران خانو نوحاڻي اسان کي ٻڌايو هو ته مان تانيه سان شادي ڪرڻ ٿي چاهي پر هن انڪار ڪيو، جنهن تي کيس قتل ڪيم وڌيڪ انڪوائري هلندڙ آهي. هن ڪيس جا ٽئي مک جوابدار گرفتار ٿي چڪا آهن تانيا جي قتل ڪيس ۾ عالي نوحاڻي کي شامل ڪيو ويندو. ايس ايس پي وڌيڪ چيو ته اسان تانيا جي وارثن کي تحفظ ڏيڻ جي يقين ڌياني ڪرائي آهي پر وارثن اهو چيو ته اسان انڪوائري جي حوالي سان ڪراچي ترسيل آهيون اسان تانيا جي وارثن سان رابطي ۾ آهيون، ايس ايس پي هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته تانيا جي قتل وقت جهانگارا جي ٿاڻي جي ايس ايچ  او رهندڙ کي اسان جي انڪوائري ٽيم ان کان جاچ ڪري رهي آهي، جيڪڏهن اهو هن واقعي ۾ غفلت جو ذميوار نڪتو ته کيس گرفتار ڪيو ويندو، في الحال ان کان انڪوائري هلندڙ آهي، ٻئي پاسي گرفتار  ٿيل عالي نوحاڻي پوليس  ۽ ميڊيا آڏو ڏوھ جو اعتراف ڪندي چيو ته اسان ٽي ڄڻا جنهن ۾ خانو نوحاڻي ۽ مولابخش نوحاڻي گڏ نڪتاسين، جڏهن تانيا جي گهر پهتاسين ته خانو نوحاڻي تانيا جي گهر ۾ داخل ٿيو ۽ اوچتو فائر جو آواز آيو خبر پئي ته تانيا کي  قتل ڪيو ويو آهي، واقعي بعد خانو نوحاڻي گودار ڀڃي ويو ۽ پنهنجي ڀاءُ وٽ ترسيو هو، جتان پوليس کيس گرفتار ڪيو آهي.جوابدار چيو ته مون کي خانو نوحاڻي دوکي سان وٺي ويو، ٻئي پاسي وڌيڪ گرفتار ٿيلن بابت ايس ايس پي جو چوڻ هو ته اهڙيون بنا جواز گرفتاريون ناهن ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *