Thursday , April 18 2024

ڪائونٽرٽيررزم ڊپارٽمينٽ جو اڳوڻو انچارج دهشتگردن جو ساٿاري نڪتو!

CTD Ali Raza 01

دهشتگردن جي ساٿاري هجڻ جي الزام هيٺ نوڪري مان نيڪالي ڏنل سي ٽي ڊي جو اڳوڻو انچارج علي رضا

ڪراچي: سنڌ پوليس جي خاص يونٽ ڪائونٽرٽيررزم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) جي اڳوڻي انچارج تي دهشتگردن جو ساٿاري هجڻ جو الزام ثابت ٿي ويو آهي، جنهن بعد کيس نوڪري مان نيڪالي ڏني وئي. ايڊيشنل آءِ جي سنڌ پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي سربراهه دهشتگردن جو ساٿاري هجڻ واري الزام هيٺ اڳوڻي انچارج سي ٽي ڊي علي رضا کي نوڪري مان نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي.

اي آءِ جي سي ٽي ڊي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سي ٽي ڊي جي اڳوڻي انچارج علي رضا تي دهشتگردن کي انتهائي اهم معلومات فراهم ڪرڻ جو الزام هو. جنهن بابت ايم ڪيو ايم لنڊن جي مرڪزي آفيس نائين زيرو تان گرفتار ڪيل جوابدار عمير صديقي جاچ دوران علي رضا بابت اهم انڪشاف ڪيا هئي. اڳ ۾ ئي گرفتار دهشتگرد عمير صديقي جي انڪشافن ۽ اعترافي بيانن جي روشني ۾ سي ٽي ڊي جي اڳوڻي انچار علي رضا کي الزامن جي وضاحت لاءِ ڪيترائي ڀيرا نوٽيسز پڻ جاري ڪيا ويا هئا پر هُو مطمئن ڪندڙ جواب ڏيڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي ويو هوڳ، جنهن بعد کيس نوڪري مان نيڪالي ڏني وئي آهي.

ٻي طرف ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي پوليس ذريعن وٽان مليل معلومات موجب سي ٽي ڊي جو اڳوڻو انچارج ۽ دهشتگردن جو ساٿاري هجڻ جي الزام هيٺ نوڪري مان نيڪالي مليل علي رضا پنهنجي پوليس سروس دوران اهم عهدن تي ويٺل ڪيترن ئي اهم پوليس آفيسرز جو به منظوور نظر ۽ انتهائي ويجهو رهيو ۽ انهن جو انتهائي اعتماد جوڳو ساٿي به ليکيو ويندو هو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *