Friday , April 19 2024

گهوٽڪي: پنجاب مان سنڌ شڪار لاءِ آيل 4 ڄڻا اغوا

Sadhooja0

گهوٽڪي(زوهيب ڪمال پٺاڻ) پنجاب مان گهوٽڪي ضلعي جي ڪچي واري علائقي ۾ تِتِرَن جو شڪار ڪرڻ لاءِ آيل چئن ڄڻن کي هٿياربند اغوا ڪري ويا آهن. پوليس اڃا تائين ڪيس به داخل ناهي ڪيو. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب شڪار لاءِ آيل چئني ڄڻن لاڳاپيل اختيارين کان ڪا به اجازت نه ورتي هئي ۽ نه ئي حد جي ٿاڻي تي ڪو اطلاع ڪيو هو.

 پنجاب واسي 4 ڄڻا رضوان علي، شمشير ملڪ، عمران علي ۽ اجمل قريشي پنوعاقل جي ڪچي ۾ شڪار لاءِ آيل خميس ڏينهن ڪچي واري علائقي ۾ داخل ٿيا ته ٻيلي ۾ اڳ ئي موجود هٿياربند چئني ڄڻن کي اغوا ڪري ويا.

سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب گهوٽڪي ضلعي جي سڌوجا ٿاڻي جي حد مان ڪچي ۾ شڪار لاءِ ويل رضوان علي، شمشير ملڪ، عمران علي ۽ اجمل قريشي جي اغوا جو اطلاع ملڻ کانپوءِ پوليس ڌاڙيلن جا پيرا کڻندي ڪچي ۾ لهي وئي پر جوابدار هٿ نه آيا. ٻي طرف ايس ايس پي سکر مسعود بنگش ٻڌايو ته صادق آباد واسي چار ڄڻا مقامي وڏيري جي دعوت تي شڪار ڪرڻ آيا هئا. هن چيو ته چئني ڄڻن کي شڪارپور ۽ ڪشمور سان تعلق رکندڙ تيغاڻي برادري جا ڌاڙيل اغوا ڪري ويا آهن. پوليس بڪتربند گاڏين سان ڪچي ۾ لٿل آهي، هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو هو ۽ پوليس ڪچي ۾ لٿل هئي.هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي سڌوجا پوليس ٻڌايو ته واقعو اسان جي حدن ۾ نه پر شڪارپور جي ڪچي ۾ ٿيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *