Friday , April 19 2024

سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي، آءِ جي سنڌ وڏي وزير کي خبردار ڪري ڇڏيو- اختيارن مداخلت آءِ جي کي اپهاج ڪرڻ برابر آهي – آءِ جي سنڌ

IG new letter 02IG new letter 01

سنڌ پوليس جي سربراهه ۽ سنڌ سرڪار وچ ۾ هلندڙ تڪرار ۾ آءِ پاران ڪجھ ڏينهن جي خاموشي بعد اي ڊي خواجا وري ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. آءِ جي سنڌ پاران طينٽرل پوليس آفيس ۽ آءِ جي کي اپهاج ڪرڻ جون دانهون شروع ڪيون ويون آهن. آءِ جي سنڌ وڏي وزير کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن صورتحال جيئن جو تيئن رهي ته امن امان جي صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي.

آءِ جي سنڌ الله ڏنو خواجا وڏي وزير کي خط لکي واضع ڪيو آهي ته، سنس اختيارين کي عام انتظامن واري کاتي ( سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن) ۽ گهرو کاتي جي سيڪريٽري ڏانهن منتقل ڪرڻ بعد ڊي آءِ جيز سميت پوليس آفيسرز ۽ سي پي او ۾ مقرر آفيسرز جون مقرريون ۽ بدليون ڪرڻ ۾ کيس اعتماد ۾ نه ٿو ورتو وڃي، جنهن سبب پوليس هيڊ آفيس ۾ ڪاروهنوار سخت متاثر ٿي رهيو آهي. آءِ جي سنڌ پاران وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته، ايپيڪس ڪميٽي جي گذريل اجلاس ۾ ( ايپيڪس ڪميٽي جو گذريل اجلاس ڪور فائيو ۾ آرمي چيف جي صدارت هيٺ ٿيو هو) سنڌ پوليس کي بااختيار رکڻ سميت اهم فيصلن تي عمل نه ٿي رهيو آهي. آءِ جي خط ۾ وڏي وزير کي خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن انهن مامرن جو نوٽيس نه ورتو ويو ۽ آءِ جي جي عهدي کي ائين ئي مفلوج ڪيو ويو ته صوبي ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي، جنهن جو مک ڪارڻ اهو آهي ته آفيسرز جي مقررين ۽ بديلن سميت اهم مامرن ۾ کيس / آءِ جي کي اعتماد ۾ نه ٿو ورتو وڃي.

AD khuwaja01murad-ali-shah1

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي آءِ جي سنڌ پاران موڪليل خط ۾ ولڌيڪ چيو ويو آهي ته، عام انتظامن وارو کاتو ۽ گهرو کاتو سنڌ پوليس جي اهم عهدن تي مقرر آفيسرز ۽ سي پي او ۾ مقرر عملدارن کي سندس مشوري کانسواءِ بدلي ڪيو وڃي ٿو ۽ موڪلون به ڏنيون وڃن ٿيون، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس هيڊ آفيس جو ڪاروهنوار سخت متاثر ٿي رهيو آهي، آفيسر جي تڪڙين تڪڙين بدلين سان به صورتحال خراب ٿي رهي آهي.

وڏي وزير کي اماڻيل خط ۾ آءِ جي سنڌ افسوس جو اظاهر ڪندي ڄاڻايو آهي ته، صوبائي ايپيڪس ڪميٽي جي گذريل اجلاس ۾ سنڌ پوليس کي امپاور/ آزادي سان ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ تي اتفاق ٿيو هو پر افسوس جو ايپيڪس ڪميٽي جي ان فيصلي سميت ٻين به ڪيترن ئي فيصلن تي عمل نه پيو ڪيو وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ صوپبي اندر امن امان جي صورتحال خراب ٿيڻ جو خدشو آهي.

 

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *