Friday , April 19 2024

پرڏيهه ملڪيتن جي خريداري لاءِ فنڊزڪٿان آيا ۽ ڪاڏي ويا؟انهن سادن سوالن جا سڌا جواب ملڻ سان ڳالھ ختم ٿي ويندي _سپريم ڪورٽ

Maryam Nawaz JIT 01PM Nawaz 02

جسٽس اعجاز افضل ۽ جسٽس عظمت سعيد جي آءِ ٽي جي رپورٽ تي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته پرڏيھ ۾ ملڪيتون خريد ڪرڻ لاءِ فنڊز ڪٿان آيا ۽ ڪيڏانهن منتقل ٿيا، اهي ٻئي سوال سڄي مامري جا بنيادي سوال آهن، جيڪڏهن انهن سوالن جو جواب ملي وڃي ته ڳالھ ئي ختم ٿي ويندي، رڪارڊ جو جائزو وٺون پيا اهو فيصلو اسان کي ئي ڪرڻو ته ڪيس اسان ٻڌون يا احتساب عدالت ڏانهن اماڻجي. وزير اعظم جي وڪيل خواجا حارث چيو آهي ته وزيراعظم وٽ ظاهر ڪيل اثاثن کانسواءِ ٻيون به ملڪيتون نه آهن. وزيراعظم تي ڪنهن به ڪرپشن سان تعلق جو الزام به نه آهي، عدالت کي گذارش آهي ته فيصلو ڪرڻ ۾ احتياط کان ڪم ورتو وڃي.

سپريم ڪورٽ جي خصوصي بئنچ آڏو پاناما عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي دوران ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي وڪيل طارق حسن عدالت آڏو دليل ڏيندي چيو ته جي آءِ ٽي اسحاق ڊار مٿان ٽئڪس چوري ، ملڪيتون لڪائڻ ۽ پنهنجي ٽرسٽ کي چندو ڏيڻ جا الزام لڳايا آهن. جسٽس اعجازالاحسن ناڻي واري وزير جي وڪيل کان پڇا ڪئي ته ڇا جي آءِ ٽي اسحاق ڊار خلاف ڪا سفارش ڪئي آهي يا ايف بي آر ٽئڪس تفصيلن جو رڪارڊ ناهي ڏنو؟. طارق حسن جواب ۾ چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ ميڊيا فريينڊلي آهي ۽ هن رپورٽ جي خاص ڳالھ اها آهي ته اهي هزارين صفحن تي ٻڌل آهي. ان موقعي تي اعجاز الاحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته، جي آءِ ٽي کي عدالتي اختيار نه ڏنو ويو هو، اها روڳ ڊيٽا گڏ ڪئي آهي. هن چيو ته اوهان کي جيڪي به ثبوت ڏيڻا آهن اهي ٽرائل ڪورٽ ۾ ڏجو، اوهان جي حوالي سان جاچ رپورٽ درست به ٿي سگهي ٿي ۽ غلط به ٿي سگهي ٿي.

london flats 1

سپريم ڪورٽ جي، پاناما عملدار آمد ڪيس جي ٻڌڻي دوران نواز شريف جي وڪيل خواجا حارث دليل ڏيندي چيو ته،وزيراعظم سمورا اثاثا قانون موجب ظاهر ڪيا، جي آءِ ٽي کي وزيراعظم اُهي ساڳيا تفصيل مهيا ڪيا. ظاهر ڪيل اثاثن کانسواءِ ٻيا ڪي به اثاثا نه آهن.

ان موقعي تي جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته بنيادي سوال اُهو آهي ته پرڏيهي ملڪيتون خريد ڪرڻ لاءِ فنڊز ڪٿا آيا؟ باقي سمورا سوال ثانوي حيثيت رکن ٿا.

ان موقعي تي ڍجسٽس اعجاز افضل چيو ته اهو به اهم سوال آهي ته، لنڊن جا فليٽ ڪڏهن خريد ڪيا ويا؟ هن رمارڪس ڏيندي چيو ته، هي ڪيس 1993 کان اثاثا استعمال ڪرڻ جي حوالي سان آهي. خواجا حارث دليل چيو ته ڪيس جي نوعيت الڳ آهي، اثاثا وزير اعظم جي نالي تي نه آهن. جي آءِ ٽي پنهنجي رپورٽ ۾ اختيارن کان هٽي ڪم ڪيو. رپورٽ ۾  وزيراعظم جي بي نامي اثاثن جو ذڪر ناهي  جسٽس اعجاز افضل چيو ته انهي ڳالھ جو ڪو به ثبوت نه آهي ته، وزيراعظم پاڻ ڪنهن به پراپرٽي جو مالڪ نه آهي. اسان هن ڪيس جي سمورن پاسن کان چڱي ريت واقف آهيون. جسٽس عظمت سعيد چيو ته اثاثن جو استعمال هيٺ اچڻ ۽ انهن مان فائدو وٺڻ الڳ ڳالھ آهي. هن چيو ته برطانوي ڪمپني منروا سان سروس معاهدي تي ڪنهن صحيح ڪئي، اُهي دستاويز ڏيکاريا وڃن. ان سوال جي جواب  ۾ خواجا حارث چيو ته ڪنهن لاڳاپيل شخص جي اثاثن مان فائدو وٺندڙ جوابدار نه ٿيندو آهي ۽ نيب قانون ۾ به ائين لکيل آهي.

Hussan & Hassan nawazIshaq Dar 0

جسٽس عظمت سعيد شيخ رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان اها ڳالھ سمجهي ويا سين ته اهڙو ڪو به دستاويز نه آهي جنهن مان وزيراعظم جي فليٽ جو مالڪ هجڻ جي تصديق ٿئي، پر الميو اُهو آهي ته اهڙو به دستاويز موجود نه آهي جنهن اصل مالڪ جي خبر پئجي سگهي. هن چيو ته  ڪو به دستاويز ناهي ملڪيت تي ڪوجهيڙو ٿي پوي ته اهو ڏٺو مويندو آهي ته ملڪيت ڪنهن جي نالي تي آهي، فائدو ڪير حاصل ڪري ٿو ۽ ٽائيٽل ڪنهن جو آهي. جسٽس عظمت سعيد شيخ وڌيڪ چيو ته مالڪ جي خبر پئجي وڃي ته سوال پئدا ٿي ويندو ته پئسا ڪٿا آيا؟ جسٽس اعجازالاحسن  چيو ته رپورٽ جي واليوم 4 ۾ خطرناڪ قسم جا دستاويز شامل آهن. منهنجو اشارو ٽرسٽ ڊيڊ جي حوالي سان آهي. جي آءِ ٽي ٽرسٽ ڊيڊ جي حوالي سان نتيجو به ڪڍيو آهي. ان موقعي تي خواجا حارث دليل ڏنو ته جي آءِ ٽي فليٽس جي حوالي سان مفروضن تي ٻڌل نتيجو ڪڍيو. ڇا وزيراعظم انهن اثاثن جا جواب ڏيڻ جو به پابند جيڪي ان جا آهن ئي نه. هن چيو ته جي آءِ ٽي کي وزيراعظم کان رڳو 1993 کان 1995 تائين فليٽش جو پڇڻ گهرجي ها. عدالت خواجا حارث کان پڇاڻو ڪيو ته، سوال اهو آهي ته پراپرٽي ڪڏهن خريد ڪئي وئي؟ فنڊز ڪٿان آيا ۽ ڪاڏي ويا؟ وزيراعظم چيو هو ته سڀني جي مني ٽريل موجود آهي. جسٽس اعجاز افضل رمارڪس ۾ وزيراعظم جي وڪيل خواجا حارث کي جي آءِ ٽي رپورٽ جي واليوم 4 ۽ واليوم 10 کان محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *